اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) پا??ستان ۽ بوسنيا هرزيگووينا جي وچ ۾ ٻط??في سياسي مشاورت جو ٻيون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) شفقت علي خان پا??ستاني وفد جي قيادت ڪئي جڏهن ته بوسنيا جي وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري جنرل ايڊن دلبرووچ ڪئ??. ڌ??ين اعليٰ اعتماد ۽ گڏيل افهام تفهيم جي ماحول ۾ ٻط??في لاڳاپن جي سموري دائري جو ٺوس جائزو ورتو. هنن سياسي، واپاري، اقتصادي، سماجي، انساني بنيادن تي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايڊن دلبرووچ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان پڻ ملاقات پڻ ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري گڏيل لاڀائتي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پا??ستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد