اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ت?? پاڪستان جي ترقي لاءِ گڏيل ڪوششن جو هجڻ تمام اهم آهي، ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ دنيا ۾ ج??ڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اسان کي ان سان گڏ هلڻو آهي. امرجنگ ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. گذريل ڏينهن مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ??از?? نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحين واري ت??ريب کي خطاب ڪري رهي هئي، جنهن جو بندوبست آءِ ٽي وزارت جي ڪميٽي روم ۾ ڪيو ويو. ان موقعي ت?? آءِ ٽي جي سيڪريٽري ضرار هاشم خان، اسپيشل سيڪريٽري آءِ ٽي ڊويزن اظفر منظور پڻ موجود هئا. هن چيو ته ??از?? نسٽ ۽ اين آءِ ٽي بي وچ ۾ اهو سهڪار نه صرف انوويشن کي هٿي ڏ??ند?? پر پاڪستان کي مصنوعي ذهانت جي ميدان ۾ اڳواڻ بڻجي اُڀرڻ ۾ مددگار به بڻجندو، ان ايم او يو تحت پاڪستان جي پهرين لوڪل لارج لينگويج ماڊل جي ت??اري ٽائيم لائن ۾ ٿيڻ تمام ضروري آهي، جنهن لاءِ پريڪٽيڪل قدم کڻڻا پوندا. هن اڪيڊميا ۽ انڊسٽري وچ ۾ مضبوط رابطا قائم ڪرڻ تي زور ڀر??ند?? چيو ته اڪيڊميا انڊسٽري برج ذريعي نوجوانن لاءِ ملازمتن جا موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا، اسان کي پنهنجي نوجوا??ن کي جديد آءِ ٽي اسڪلز سان آراسته ڪرڻو آهي. جاز جي سي اِي او عامر ابراهيم چيو ته پاڪستان جي مستقبل لاءِ آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ وڏن لينگويج ماڊلز ۾ جدت اهم حيثيت رکي ٿي، اسان هڪ اهڙو مقامي ماحول جوڙڻ لاءِ پُرعزم آهيون ج??ڪو اسان جي ڪميونٽيز جي منفرد ضرورتن کي پورو ڪري. نسٽ ۽ اين آءِ ٽي بي سان گڏ ڀائيواري ذريعي اسان ڊجيٽل خال کي گهٽ ڪندي استادن، ڊاڪٽرن ۽ هارين کي انهن جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ضروري ڄاڻ ۽ ٽولز فراهم ڪنداسين، اهو سهڪار هڪ قومي مشن آهي ج??ڪو ڊجيٽل شموليت جي ميدان ۾ تيز رفتار ترقيءَ جو سبب بڻجندو، ايندڙ مهينن ۾ اسان جو هدف هڪ فعال ماڊل تيار ڪرڻ آهي ج??ڪو پاڪستان ۾ هڪ انقلابي اي آءِ فريم ورڪ جو بنياد رکندو. ان موقعي ت?? آءِ ٽي وزارت ۽ ذيلي ادارن جي آفيسرن، سي اي او جاز عامر ابراهيم ۽ نسٽ جي ريڪٽر انجنيئر جاويد محمود بخاري پڻ موجود هئا.
پاڪستان جي ترقي لاءِ گڏيل ڪوششن جو هجڻ تمام اهم آهي، ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ اسان کي دنيا سان گڏ هلڻو آهي: شزه فاطمه خواجه
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو