اشڪ آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف ع??ي زرداري سان ترڪيه جي پارليامينٽ جي اسپيڪر نعمان قرطولمس ترڪمانستان جي دوري دوران عالمي فورم ”وقت ۽ تهذين جو گڏيل تعلق: امن ۽ ترقي جو ب??ياد“ جي موقعي تي ملا??ات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملا??ات دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز احمد بگٽي پڻ موجود هئا. صدر پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ريل رابطا بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون، عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻو پوندو. هن ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ وفدن جي مٽاسٽا تي زور ڏنو ۽ چيو ته ترڪيه پاڪستان ۽ مسلمان دنيا جو عظيم ۽ مخلص د??ست آهي. صدر چيو ته ترڪيه مسلمان امت کي درپيش مسئلن تي اصولي موقف اختيار ڪري ٿو ۽ ناانصافي جي خلاف آواز اٿاريندو آيو آهي. ملا??ات ۾ فلسطين ۽ لبنان جي سنگين انساني صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. ملا??ات ۾ مسلمان امت کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مسلمان دنيا پاران مخلصاڻي ۽ سنجي??ه ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو. صدر چيو ته ترڪيه هڪ اقتصادي طاقت بڻجڻ جي رستي تي گامزن آهي. هن ان موقعي تي ترڪيه جي ڪاميابي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
صدر آصف علي زرداري سان ترڪيه جي پارليامينٽ جي اسپيڪر سان مُلاقات
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ