اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي ??ي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري و??اق?? وزير احسن اقبال چيو آهي ته نوجوانن کي پاڪستان جي روشن مستقبل لاءِ جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي اهميت کي ??جاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، اڄ جي دنيا ۾ ترقي ۽ خوشحاليءَ جو دارومدار سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي مهارت تي آهي، اهي ئي قومون ترقيون ڪنديون آهن جيڪي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ جديد تحقيق ۾ اڳيان اڳيان آهن. هن اهڙن خيالن جواظهار اسپيس ويڪ 2024ع جي تقريبن جي سلسلي ۾ اسلام آباد ماڊل ڪاليج فار گرلز ايف 2/6، ۾ شاگردن کي ??طاب ڪندي ڪيو. اسپيس ويڪ جيڪو هر سال 4 آڪٽوبر کان 10 آڪٽوبر تائين ملهايو ويندو آهي، جو مقصد سڄي دنيا ۾ خلائي سائنس جي حوالي سان آگاهي ڦهلائن ۽ نوجوانن کي ??لائي تحقيق جي موقعن طرف راغب ڪرڻ آهي. پنهنجي خطاب ۾ و??اق?? وزير نوجوانن کي پاڪستان جي روشن مستقبل لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي اهميت کي ??جاگر ڪرڻ تي زور ڀريو. پروفيسر احسن اقبال خطاب جي شروعات ۾ چيو ته اڄ جي دنيا ۾ ترقي ۽ خوشحاليءَ جو دارومدار سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي مهارت تي آهي، اهي ئي قومون ترقيون ڪنديون آهن جيڪي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ جديد تحقيق ۾ اڳيان اڳيان آهن. هن ماضيءَ جي اسلامي تهذيبن جو ذڪر ڪندي چيو ته جڏهن بغداد، دمشق ۽ قرطبه جهڙن شهرن ۾ علم ۽ تحقيق جا مرڪز قائم هئا ته مسلمان دنيا جي اڳواڻي ڪري رهيا هئا، پر جڏهن علم ۽ تحقيق کان دُوري اختيار ڪئي ته تهذيبي زوال جو مُنهن ڏسڻو پيو. احسن اقبال زور ڀريو ته مسلم اُمت جو مستقبل سائنس۽ ٽيڪنالاجي جي بحالي سان جڙيل آهي. و??اق?? وزير پنهنجي تقرير ۾ خلا جي تسخير ۽ ان جي تحقيق کي ??المي ترقيءَ جو هڪ اهم عنصر قرار ڏنو. هن جيمز ويب ٽيلي اسڪوپ ۽ يورپي اسپيس ايجنسين جي ڪاميابيءَ جو حوالو ڏيندي چيو ته اڄ جون جديد قومون سائنس ۽ تحقيق ذريعي ڪائنات جي رازن کي ??مجهڻ جي ڀرپور ڪوششون ڪيون آهن جڏهن ته بدقسمتيءَ سان ڪنهن مسلمان ملڪ وٽ خلا ۾ تحقيق جي صلاحيت ناهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ڪو مسلم ملڪ زمين جو مدار کان اڳيان نه وڌي سگهيو. احسن اقبال چيو ته قرآن پاڪ جي آيتن موجب الله تعاليٰ انسان کي چنڊ ۽ سج جي تسخير جو حڪم ڏنو آهي ۽ اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مسلمان ان هدايت مطابق علم ۽ تحقيق جي ميدان ۾ اڳيان وڌن. پروفيسر احسن اقبال چيو ته دنيا چوٿين صنعتي انقلاب جي دؤر ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي آرٽيفيشل انٽيليجنس، روبوٽڪس، نينو ٽيڪنالاجي ۽ بائيو ٽيڪنالاجي جهڙيون جديد ٽيڪنالاجيون ترقيءَ جو معيار بڻجي چڪيون آهن. هن چيو ته انهن ٽيڪنالاجيز ۾ مهارت رکندڙ قومون ئي ايندڙ دؤر ۾ عالمي ترقي جي اڳواڻي ڪنديون. هن نوجوانن کي ??قبال جي شعر جو حوالو ڏيندي آسمانن کان اڳيان سوچڻ ۽ خواب ڏسڻ جي ترغيب ڏني. و??اق?? وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪلائمينٽ چينج کان متاثر ملڪن ۾ شامل آهي ۽ اسپيس ٽيڪنالاجي ذريعي موسمياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ ۾ بهتري آڻي سگهجي. اسپيس ٽيڪنالاجي جي مدد سان اسان نه صرف زراعت ۽ پيداوار تي موسمي اثرن جو جائزو وٺي سگهون ٿا، پر قدرتي آفتن جي وقت سر اڳڪٿي به ممڪن ٿي سگهي ٿي جنهن سان قيمتي جانين ۽ ملڪيتن جو تحفظ ڪري سگهجي ٿو. احسن اقبال خلا جي تحقيق ۽ اسپيس ٽيڪنالاجي جي اهميت کي ??وزمره جي زندگيءَ کي نظر ۾ رکندي پڻ پيش ڪيو. هن گوگل ميپس ۽ هوائي جهازن جي نيويگيشن جهڙين ايجادن جو ذڪر ڪندي چيو ته اسپيس ٽيڪنالاجي جو استعمال هر شعبي ۾ ٿي رهيو آهي ۽ ان اسان جي زندگيءَ کي ??سان بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ايندڙ دؤر ۾ خلا ۾ ٿيندڙ تحقيق انسانن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪندي، جيئن خلا ۾ توانائي جي نَون ذريعن يا انساني عضون جي پيدائش. هن پنهنجي خطاب ۾ شاگردن کي مستقبل جون ذميواريون نڀائڻ ۽ پنهنجي اندر علم ۽ تحقيق جي لڳن پيدا ڪرڻ جي تلقين ڪئي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي نوجوان نسل کي ??ائنس ۽ ٽيڪنالاجي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جو موقعو پيدا ڪرڻو پوندو ته جيئن پاڪستان جو مستقبل روشن ٿي سگهي. و??اق?? وزير منصوبا بندي وزارت ۽ تعليم واري وزارت جي گڏيل ڪوششن کي ??اراهيندي چيو ته اسپيس ويڪ کي هر سال هڪ پليٽ فارم طور ملهايو ويندو ته جيئن اسان جي نئين نسل کي ??لائي سائنس ۽ رازن بابت آگاهه ڪري سگهجي ۽ انهن جي تحقيقي صلاحيتن کي وڌائي سگهجي. هن چيو ته استادن ۽ شاگردن کي ??ائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تعليم سان ڳنڍڻ ۽ انهن کي ??ديد علم سان سرشار ڪرڻ ئي پاڪستان جي نوجوانن جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي. هن نوجوانن کي پيغام ڏنو ته هو سائنس ۽ تحقيق کي پنهنجو نصب العين بڻائين ۽ پاڪستان جو جهنڊو خلا ۾ لهرائين. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته اڄ جا نوجوان هڪ ڏينهن پاڪستان کي ??نيا جي پهرين صفن واري قوم ۾ شامل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.
نوجوانن کي پاڪستان جي روشن مستقبل لاءِ جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو