اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پا??ست??ن ۽ ملائيشيا وچ ۾ ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. ملائيشيا ڏانهن چانورن، انبن ۽ حلال گوشت جو روانگي واپار وڌائي وڌيڪ پرڏيهي ناڻو حاصل ڪري سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پنهنجي ملائيشي?? جي هم منصب سان ملاقات ۾ ڪيو. وفاقي وزير ملائيشي?? جي سيڙپڪاري ۽ واپار واري وزير ٽينگو عبدالعزيز سان ٻطرفي واپار کي وڌائڻ ۽ پا??ست??ن مان ملائيشيا کي ايڪسپورٽ ٿيندڙ شين ۽ واپاري رڪاوٽن کي گهٽائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ واپار ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته پا??ست??ن جي تقريبن سمورن شعبن ۾ ترقيءَ جا امڪان موجود آهن ۽ ملائيشي?? جي سيڙپڪارن کي انهن موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پا??ست??ن سڄي دنيا ۾ اعليٰ معيار جا چانور ۽ انب ايڪسپورٽ ڪري رهيو آهي ۽ ملائيشيا ۾ پا??ست??ني انبن، حلال گوشت ۽ چانورن جي تمام گهڻي کپت آهي. هن چيو ته ملائيشيا چانورن جي امپورٽ لاءِ پا??ست??ن سان وڌيڪ سهڪار ڪري، پا??ست??ن حڪومت چانورن جي گهٽ ۾ گهٽ ايڪسپورٽ قيمت (ايم اي پي) کي هٽائي ڇڏيو آهي جنهن سان پا??ست??ني واپار ڪندڙن کي چٽاڀيٽي جي قيمتن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو ملندو. هن پا??ست??ني گوشت ۽ جيليٽن ايڪسپورٽ ڪندڙ ڪمپنين لاءِ ايڪريڊيٽيشن جي عمل ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته ان شعبي ۾ سهڪار سان واپار ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي سگهي ٿو. واپار واري وزير چيو ته پا??ست??ني واپارين کي ملائيشيا لاءِ گوشت ايڪسپورٽ ڪرڻ ۾ پيش ايندڙ ڏُکيائين کي حل ڪرڻ ۽ طريقيڪار کي آسان بڻايو پيو وڃي، ان سان واپاري ڳاڻيٽي ۾ نمايان واڌ ممڪن ٿيندي. بعد ۾ ملائيشي?? جي وزير پا??ست??ن کي آسيان جي سرگرمين ۾ شرڪت جي د??وت ڏني، ڇاڪاڻ ته ملائيشيا آسيان جي سربراهي سنڀالي رهيو آهي.
ملائيشيا ڏانهن چانورن، انبن ۽ حلال گوشت جو روانگي واپار وڌائي وڌيڪ پرڏيهي ناڻو حاصل ڪري سگهجي ٿو: وفاقي وزير ڄام ڪمال خان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں