اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه دوران چين پاران مسلسل تعاون فراهم ڪرڻ تي ٿورائتا ??هيون، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي عملدرآمد سان زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات سميت گڏيل مفاد جي ٻين شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي 75 هين يوم تاسيس جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي حڪومت ۽ عوام کي يوم تاسيس جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته چين جو يوم تاسيس ملهائڻ خوش آئنده آهي، چين دنيا جي سپر پاور آهي، دنيا ان کانسواءِ اڳتي نه ٿي وڌي سگهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي دوستي هماليه کان اونچي ۽ سمنڊ کان گهري آهي، تازي چين جي دوري دوران صدر شي جن پنگ ۽ چيني قيادت پاران گرامجوش آجيان تي ٿورائتو آهيان. ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا تمام گهڻا مضبوط آهن. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه دوران چين هر ممڪن تعاون فراهم ڪيو جنهن تي انهن جا ٿورائتا ??هيون، زراعت ۽ صنعت جي شعبن سميت معيشت کي مضبوط ڪرڻ کانسواءِ اسان دنيا ۾ مقام حاصل نه ٿا ڪري سگهون، پاڪ چين دوستي جو مقصد نه رڳو خطي ۾ ترقي، امن پر شي جن پنگ جي ويزن تحت سڄي دنيا ۾ ترقي ۽ امن کي فروغ ڏيڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان هانگ ڪانگ تائيون ۽ ٻين عالمي معاملن تي چين جي موقف جي حمايت ڪري ٿو، سي پيڪ جو ٻيو مرحلو شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون جنهن سان پاڪست??ن جي معيشت کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي عملدرآمد سان زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي معدنيات سميت ٻين گڏيل مفاد جي شعبن ۾ تعاون جا وڌيڪ موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته پاڪستان چين جي اهم مفادن جو حامي آهي، اسان چين جي وزيراعظم جي ايندڙ مهيني پاڪست??ن جي دوري جا منتظر آهيون، هو ايس سي او پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو ۽ ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو، اسان خوشحال پاڪستان ۽ چين جي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين. ان موقعي تي چين جي سفير زيانگ زيڊونگ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته صدر شي جن پنگ چين جي سماجي ۽ مسلاٹ_مشین/135474.html">عاشي ترقي تي ٻڌل نئين شعبن جو بنياد رکيو. چيني صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ تر??ي جي نئين دور جي شروعات ٿي، چين محروم ۽ پٺتي پيل مسلاٹ_مشین/135474.html">عاشري مان خوشحال مسلاٹ_مشین/135474.html">عاشري جي راهه تي گامزن ٿيو، چين جي ترقي کي دنيا ک??ن جدا نه ٿو چئي سگهجي. تقريب کي صدر آصف علي زرداري پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ اچڻ تي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڀرپور آجيان ڪئي وئي. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا ترانا پڻ وڄايا ويا. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي 75 هين يوم تاسيس جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.
آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه دوران چين پاران مسلسل تعاون فراهم ڪرڻ تي ٿورائتا آهيون، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي عملدرآمد سان زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات سميت گڏيل مفاد جي ٻين شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔