اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 4 ک??ن 8 سيپٽمبر تائين برطانيا ج?? سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار لنڊن ۾ برطانوي نائب وزيراعظم انجيلا ريز سان ملاقات ڪندو. هو برطانيا جي پرڏيهي، دول?? مشترڪه ۽ ترقياتي معاملن واري سيڪريٽري آف اسٽيٽ ڊيوڊ ليمي سان پڻ تفصيلي مُلاقات ڪندو. بيان موجب نائب وزيراعظم برطانيا جي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ برطانيا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي نمائندن سان پڻ ملاقاتون ڪندو.
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن