اسلام آباد – 20 – مئي (اي پ?? پي) صدر آصف علي زرداري ايراني صدر سيد ابراهيم رئيسي جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي گهري صدمي ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چي?? آهي ته ??در ابراهيم رئيسي مسلمان امت جي اتحاد جو وڏو حامي هو، عالم اسلام هڪ عظيم اڳواڻ کان محروم ٿي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب پنهنجي تعزيتي پ??غام ۾ صدر آصف علي زرداري ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ??يراني صدر فلسطيني ۽ ڪشميري عوام سميت عالمي سطح تي مسلمانن جي درد کي دل سان محسوس ڪندو هو، اڄ پاڪستان هڪ عظيم دوست کي وڃائڻ تي سوڳوار آهي. هن چيو ته گذريل مهيني اسان کي پاڪستان ۾ سندس ميزباني جو اعزاز حاصل ٿيو، اسان جي ڳالهه ٻولهه دوران مون کيس ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم ڏٺو، آغا رئيسي سدائين پاڪستان ۽ ان جي عوام کي خاص مقام ڏيندو هو، صدر رئيسي جو لاڏاڻو نه رڳو ايران پر پوري مسلمان امت جي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. هن چيو ته ??در رئيسي کي علائقائي ۽ اسلامي ملڪن سان لاڳاپا وڌائڻ جي ڪوش??ن تي ايران پاڪستان ۽ اسلامي دنيا ۾ ياد رکيو ويندو، الله تعاليٰ سندس روح کي سڪون عطافرمائي، ناقابل تلافي نقصان جي هن گهڙيءَ ۾ ان جي گهرڀاتين ۽ ايران جي عوام کي صبر ۽ استقامت عطا فر??ائي.
صدر آصف علي زرداري پاران ايراني صدر سيد ابراهيم رئيسي جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي صدمي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔