اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان پاڪستان کي هر قسم جي حالتن ۾ گڏيل عرب امارات جي حمايت جو يقين ڏياريو آهي ۽ پاڪستان ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو عزم ظاهر ڪيو آهي. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي دعوت تي گذريل ڏينهن يو اي اي جو سرڪاري دورو ڪيو، وزيراعظم صدر سان ٻطرفي ملاقا?? ڪئي ۽ گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقا?? ڪئي. ترجمان چيو ته ٻنهي اڳواڻن انفارميشن ۽ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجيز، مصنوعي ذهانت، قابل تجديد توانائي ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي اڳواڻن توانائي، پورٽ آپريشن پروجيڪٽس، گندي پاڻ?? جي صفائي، فوڊ سيڪيورٽي، لاجسٽڪس، معدنيات ۽ بئنڪنگ ۽ مالياتي خدمتن جي شعبن ۾ سيڙپڪار?? جي تعاون جي معاهدن جي بامعنيٰ لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو جن تي نومبر 2023ع ۾ صحيحون ڪيون ويون هيون. ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 22 مئي تي ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير حسين امير عبدالهيان ۽ سندن ساٿين جي شهادت تي تعزيت جي لاءِ اسلامي جمه??ري?? ايران جو دورو ڪيو ۽ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي ۽ وقتي صدر محمد مخبر سان ملاقا?? ڪئي ۽ ساڻن عوام ۽ پاڪستان حڪومت پاران تعزي?? ڪئي.
گڏيل عرب امارات جي صدر پاڪستان ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو عزم ظاهر ڪيو آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا