لاهور-26 فيبروري (اي پي پي) تعيلم ۽ پيشوراڻي تربيت وا??ي نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته معيشت جي بهتريءَ لاءِ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کي ه??ي وٺرائڻي پوندي، نوجوانن کي فني مهارتن جي تربيت ڏياري معاشري ??و ??ارآمد شهري بڻائي سگهجي ٿو. نگران حڪومت مختصر عرصي ۾ تعليم کي ه??ي وٺرائڻ لاءِ روڊ ميپ تيار ڪري ايندڙ حڪومت لاءِ آساني پيدا ڪري ڇڏي آهي. اهڙو اظهار هن مقامي ه??ٽل ۾ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيو ٽيڪ) ۽ پنجاب اسڪلز ڊولپمينٽ فنڊ (پي ايس ڊي ايف) وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ جي حوالي سان منعقد تقريب ??ي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ان يادداشت جو مقصد پٺتي پيل طبقي جي ترقيءَ لاءِ هڪ ڪوشش ڪرڻ ۽ نوجوانن کي ملڪي ۽ پرڏيهي سطح تي ه??رمند ۽ باصلاحيت بڻائڻ آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته معيشت جي بهتريءَ لاءِ روايتي بجاءِ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کي ه??ي وٺرائڻي لاءِ پوندي. هن چيو ته يونيورسٽين کي معياري تعليم سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ نگران حڪومت هر ممڪن وسيلا استعمال ڪيا. ايندڙ حڪومت لاءِ هڪ روڊ ميپ ڇڏي وڃي رهيا ??هيون. اميد آهي ته ايندڙ حڪومت ان روڊ ميپ تي عمل ڪري تعليم جي بهتريءَ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. ان موقعي تي نيو ٽيڪ جي چيئرپرسن سميت ٻين به خطاب ڪيو.
ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کي هٿي وٺرائڻي پوندي: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس