اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ سريلنڪ?? جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سريلنڪا سان ٻطرفي واپاري ماپي کي ان جي ڀرپور صلاحيت تائين وڌائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سريلنڪ?? جي لا??ِ نامزد پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ميجر جنرل (ر) فهيم العزيز سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان سريلنڪا سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي جي وچ ۾ 7 ڏهاڪن تي ٻڌل مضبوط لاڳاپا آهن. پاڪستان ۽ سريلنڪ?? جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، سريلنڪا سان معاشي، تعليمي ۽ ثقافتي رابطا وڌي?? مضبوط بڻائڻا پوندا. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي هڪ ٻئي بابت خيرس??ال?? جي جذبن کي مضبوط اقتصادي رابطن ۾ بدلائڻو پوندو. هن پاڪستان ۾ ٻڌمت ورثي جي جاين جي سياحتي اهميت کي اجاگر ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميجر جنرل (ر) فهيم العزيز کي سريلنڪا ۾ پاڪستان جو ه??ءِ ڪمشنر نامزد ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.
سريلنڪا سان ٻطرفي واپاري ماپي کي ان جي ڀرپور صلاحيت تائين وڌائڻو پوندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی