اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي)قومي صحت واري نگران ??فاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان چيو آهي ته پاڪستان تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ منعقد ڪري رهيو آهي جنهن ۾ 70 کان ??ڌيڪ ملڪن جا نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن، اسان دنيا کي ثابت ڪري رهيا آ??يو?? ته پاڪستان ??يڊ ڪري سگهي ٿو، سمٽ سان غريب ۽ اسرندڙ ملڪن لاءِ هڪ جامع مڪينزم جوڙيو ويندو، پاڪستان صحت جي شعبي ۾ عالمي معيار طرف وڌي رهيو آهي، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو صحت جي نظام کي مضبوط رکڻ جو بنياد رکي ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڌ سماءَ واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران ??فاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان چيو ته پاڪستان تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ منعقد ڪري رهيو آهي جنهن ۾ 70 کان ??ڌيڪ ملڪن جا نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن، نگران ??زيراعظم 10 جنوري تي سمٽ جو باقاعده آغاز ڪندو. عالمي ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا جي صحت جي شعبي جا ماهر شرڪت ڪندا. سڄي دنيا مان صحت وارا وزير، ڊونرز ۽ سفارتڪارن جي شرڪت اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته اسان دنيا کي ثابت ڪري رهيا آ??يو?? ته پاڪستان ??يڊ ڪري سگهي ٿو، گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ منعقد ڪرڻ جي ذريعي دنيا جي مفاد جو بنياد رکي رهيا آ??يو??، صحت جي شعبي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ منعقد ڪئي پئي وڃي، سمٽ جو بنيادي مقصد وبائن ۽ قدرتي آفتن کان صحت کي محفوظ بڻائڻ آهي، دنيا ۾ ايندڙ نسلن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ متفقه لائحه عمل طئي ڪيو ويندو. ڊاڪٽر نديم جان چيو ته ڪانفرنس ۾ ويڪسين ۽ امداد جي برابر ورهاست لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي، سمٽ ۾ صحت کي درپيش خطرن ۽ محفوظ دنيا لاء?? پلان جوڙيو ويندو، گلوبل هيلٿ سمٽ پاڪستان جي صحت جي شعبي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندي، پاڪستان صحت جي شعبي ۾ عالمي معيار طرف وڌي رهيو آهي، هن چيو ته ڪنهن وبا جي صورت ۾ پاڪستان جو ڳاڻيٽو خطرناڪ ملڪن ۾ نه ڪيو ويندو، عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان ??اڪستان جو آواز دنيا ۾ ٻڌو ويندو. هن چيو ته انشاءُ الله اسان جي منزل سبز پاسپورٽ جي عزت بحال ڪرائڻ آهي، ڪنهن به وبا يا بيماري کي روڪڻ لاءِ ويڪسين سڀني کان اهم ضرورت هوندي آهي. ڪورونا جي علامي وبا جي نتيجي ۾ سڄي دنيا ۾ صحت جو نظام شديد متاثر ٿيو، مالي ۽ جاني نقصان ??يو ڇاڪاڻ ته وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار نه هئي. هن چيو ته ان تجربي کي نظر ۾ رکندي سڄي دنيا سان گڏجي جامع حڪمت عملي ۽ منصوبابندي تحت سڄي دنيا جي صحت جي نظام کي مضبوط ڪرڻ چا??يو?? ٿا. غريب ملڪ جيڪي وبا کي منهن ڏيڻ جي سگهه نٿا رکن، امير ملڪن جو ان ۾ ڪهڙو ڪردار هوندو، ان تي بحث ٿيندو ۽ هڪ لائحه عمل جوڙيو ويندو. پاڪستان کي صحت جي نظام جي مضبوطي لاءِ ڊونرز جي پويان ڀڄڻو نه پوندو، سمٽ سان انٽرنيشنل ڊونرز جو پاڪستان تي اعتماد وڌندو، پاڪستني قوم ۾ وڏي صلاحيت آهي، هڪ سياسي پختي عزم ۽ ليڊرشپ جي ضرورت آهي، هن چيو ته محدود وسيلن باوجود پاڪستان ڪورونا جي وبا جو ڀرپور طريقي سان ??قابلو ڪيو ۽ بهترين جامع حڪمت عملي سبب شاندار ڪاميابي??ن حاصل ڪيون جنهن تي دنيا به اسان جي ڪاميابين کي مڃي ٿي.
پاڪستان پهريون ملڪ آهي جيڪو گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ منعقد پيو ڪري، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو صحت جي نظام کي مضبوط رکڻ جو بنياد رکي ڇڏيو آهي:نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا