اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سوئيڊن ٻطرفي تعاو?? جي رفتار تي اعتماد جو اظهار ڪندي ايندڙ سال پاڪستان ۽ سوئيڊن سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائڻ، ٻطرفين ڳالهين، گڏيل رابطن ?? تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان ۽ سوئيڊ?? جي ٻطرفي سياسي مشاورت جو 17 هون دور اسٽاڪ هوم ۾ ٿيو. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ)، سفير شفقت علي خ??ن پاڪستاني وفد جڏهن ته سوئيڊن پاران ڊائريڪٽر ج??رل ۽ گلوبل ڊپارتمينٽ جي سربراهه ڊيگ جوهلن ڊينفيلٽ ۽ وقتي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ فار ايشيا اينڊ پيسفڪ آسڪر سلائيٽ گڏيل قيادت ڪئي. سوئيڊ?? جي پرڏيهي وزارت سفير شفقت خ??ن پرڏيهي معاملن بابت سيڪريٽري جان ناٽسن س??ن پڻ ملاقات ڪئي. ڌرين سياسي، اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري ۽ تعليم سميت ٻطرفن لاڳاپ?? جي سمورن شعبن جو جائزو ورتو. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري يورپي يوني?? جي صدارت جو مدو ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي سوئيڊن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان قابل تجديد توانائي، سسٽين ايبل ٽيڪنالاجيز، ويسٽ مئنيجمينٽ، آئي سي ٽي ۽ آر اينڊ ڊي ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن وڌيڪ سوئيڊش ڪمپنين پار??ن پاڪستان ۾ ڪاروبار ج?? لاءِ سازگار ماحول مان فائدو کڻڻ جي آجيان ڪئي ۽ سوئيڊ?? جي عملدارن مضبوط اقتصادي ۽ سياسي تعاون تي ٻڌل وسيع البنياد ٻطرفا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي سفير شفقت علي خان سوئيڊن کي افغانستان ۽ ڀارت سميت ڏکڻ ايشيا ۾ سلامتي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني جنهن ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪ??مي?? ۾ انساني حق?? جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪيو ويو. سوئيڊن پاڪستان کي يورپي يوني?? جي صدارت، نورڊڪ ريجن ۽ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن سميت عالمي فورمز تي تعاو?? جي سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ هڪ ٻئي جي حمايت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. هنن ٻطرفي لاڳاپ?? جي رفتار کي برقرار رکڻ جي لاءِ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. پاڪستان سوئيڊن ٻطرفي سياسي مشاورت جو ايندڙ دور اسلام آباد ۾ ٿيندو.
پاڪستان ۽ سوئيڊن پاران ٻطرفي تعاون جي رفتار تي اعتماد جو اظهار
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania