اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف 4 جولاءِ تي وڊيو ڪانفرنس فارميٽ ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ڪا??ون??ل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي 23 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي ايس سي او جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڀارت جي وزيراعظم ايس سي او جي موجوده سربراهه جي حيثيت سان ڏني آهي. ڪا??ون??ل آف هيڊز آف اسٽيٽ شنگهائي تعاون تنظيم جو اعليٰ ترين فورم آهي، ان ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻ اهم عالمي ۽ علائقائي ??سئلن تي غور فڪر ڪندا ۽ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي مستقبل جي رخ جو خاڪو ٺاهيندا. بيان موجب هن سال ايس سي او سربراهه اجلاس تنظيم جي نئين ميمبر طور ايران جي آجيان ڪندو. بيان موجب سربراهه اجلاس ۾ وزيراعظم جي شرڪت ان ڳالهه کي واضح ڪري ٿي ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم کي علائقائي سلامتي ۽ خوشحالي جي هڪ اهم فورم طور اهميت ڏي ٿو ۽ خطي سان رابطن کي وڌائي ??و.
وزيراعظم شهباز شريف 4 جولاءِ تي وڊيو ڪانفرنس فارميٽ ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي 23 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج