اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي انساني حقن جي پا??ما??ي جي ڪوڙي پروپئگنڊه پکيڙي 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن تي پنهنجي ڏوهاري ڪردار تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عمران نيازي جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس بابت توهين آميز مهم بابت ڪا غلط فهمي نه هجڻ گهرجي، هڪ ڀيرو ٻيهر هو انساني حقن جي پا??ما??ي جي ڪوڙي پروپئگنڊه پکيڙي 9 مئي جي واقعن ۾ پنهنجي ڏوهاري ڪردار تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، مون کي ان جي حربن تي ڪا حيراني نه آهي. هن چيو ته هڪ اهڙو شخص جيڪو مسلسل رياستي ادارن جي خلاف غليظ زبان استعمال ڪري، جيڪو ماڻهن کي جلاءُ گهيراء?? ۽ ??شدد جي ترغيب ڏئي عسڪري ٺڪاڻن، رياستي علامتن ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملا ڪ??ائي اهو ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. هن چيو ته هو هڪ اهڙي تنظيم جو سربراهه آهي جيڪا ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جي لاءِ هڪ منظم ”ڊس انفارميشن نيٽ ورڪ“ هلائي ٿي، عمران نيازي جي سڃاڻپ نفرت، ورڇ ۽ ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه به نه آهي.
عمران نيازي انساني حقن جي پائمالي جي ڪوڙي پروپئگنڊه پکيڙي 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن تي پنهنجي ڏوهاري ڪردار تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں