اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ش??يف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اڄ اڱاري تي چين روانو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب 11 اپ??يل 2022ع تي وزارت عظمي جو منصب سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز ش??يف جو چين جو اهو پهريون دورو آهي. وزيراعظم شهباز ش??يف چين جي رياستي ڪائونسل جي وزيراعظم ل?? ڪي چيانگ جي دعوت تي اهو دورو ڪري رهيو آهي. ڪميونسٽ پارٽي چين جي 20هين نيشنل ڪانگريس جي تاريخي انعقاد ۽ صدر شي جن پنگ جي ٽئين ڀيري جنرل سيڪريٽري چونڊڻ کان پوءِ وزيراعظم شهباز ش??يف چين جو دورو ڪندڙ پهرين اڳواڻن ۾ شامل آهي. ان دوري ۾ وزيراعظم شهباز ش??يف سان گڏ اعلي سطحي وفد به گڏ هوندو. وزيراعظم شهباز ش??يف جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قيادت جي سطح تي مسلسل رابطن جي ڪڙي آهي. وزيراعظم چين جي دوري دوران صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو ۽ وزيراعظم ل?? ڪي چيانگ سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف جي دوري دوران ڌريون گڏيل اسٽريٽجڪ تعاون جي حصيداري جو جائزو وٺنديون. ملاقاتن ۽ اجلاسن ۾ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ پُڻ ڪئي ويندي. دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڏي پئماني تي ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا تي اڳڀرائي جي اميد آهي. دوري جي دوران مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحن جو امڪان آهي. دوري سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي رفتار وڌ??ڪ تيز ٿيڻ جي اميد آهي. سي پيڪ جي حوالي سان گڏيل تعاون ڪميٽي (جي سي سي) جو يارهُون اجلاس 27 آڪٽوبر 2022ع تي ٿيو هو.
وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اڱاري تي چين روانو ٿيندو
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا