اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير پنهنجي آمريڪي هم منصب سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سفارتي لاڳاپن جي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪ آمريڪا لاڳاپ?? کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏيل عزم کي ورجايو. هن چيو ته اعليٰ سطح جي دورن جي لاڳيتي مٽاسٽا جا منتظر آهيون. هن پاڪستاني شهرين جي لاءِ ويزا جاري ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي درخواست ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا جي خصوصي نمائندي دلاور سيد جي پاڪستان جي جاري دوري کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪ آمريڪا واپاري لاڳاپ?? کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ توانائي، صحت، سلامتي ۽ اق??صا??ي ترقي ۾ گڏيل تعاو?? کي ورجايو. هن انساني بحرا?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ طالبان حڪومت سان مسلسل رابطي جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن جي ٽيليفون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات