انقره – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ترڪ سيڙپڪارن کي پا??ستان ۾ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ??رپ??ر فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني آهي. ڊي اي آءِ ڪي – فار اڪنامڪ رليشنز بورڊ تحت ترڪي پا??ستان بزنس ڪائونسل کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو آهي ته پا??ستان ۾ هائيڊل، ٿرمل، ڪول، ونڊ ۽ سولر سميت توانائي جي شعبي ۾ ترڪ سيڙپڪارن لاءِ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن، وزيراعظم چيو آهي ته ڪيترا??ي مشهور ترڪ سيڙپڪار پهرين ئي پا??ستان ۾ سيڙپڪاري ڪري چڪا آهن، هن يقين ڏياريو ته حڪومت انهن منصوبن جي سلسلي ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي توانائي جي وڌندڙ قيمتن ۽ پا??ستان ۾ توانائي جي وڌندڙ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي پا??ستان کي توانائي جي شعبي ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي، توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري سان ترڪ سيڙپڪار ۽ پا??ستان ٻنهي کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته پا??ستان آبي وسيلن ۽ ڊيمن جي تعمير لاءِ ترڪي جي مهارت مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو، پا??ستان ۾ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جا موقعا اجاگر ڪندي وزيراعظم خصوصي توانائي، هائوسنگ، ٽيڪسٽائيلز، انفرااسٽرڪچر جي ترقي، تيل ۽ گئس ۽ زراعت تي ٻڌل صنعتن جو خاص طور ذڪر ڪيو. وزيراعظم چيو ته پا??ستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ لاڳاپا محبت، اخوت، گڏيل احترام جي بنياد تي هموار آهن ۽ ٻ??ي ملڪ تاريخ، صديون پراڻي روايتن ۽ گڏيل امنگن جا امين آهن، هن چيو ته ٻ??ي قومون هر طرح جي حالتن ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، ۽ انهن جا لاڳاپا نهايت دوستاڻا ۽ غير معمولي گڏيل اعتماد تي ٻڌل رهيا آهن، وزيراعظم چيو ته پا??ستان ۽ ترڪي جي ٽيڪسٽائيل ڪمپنيون پا??ستان ۾ خاص طور عالمي صنعت، واپار ۽ گڏيل منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿيون ۽ علائقائي ۽ عالمي سطح جي ويلو چينز ۾ حصيدار بڻجي سگهن ٿيون، هن ترڪ ڪمپنين کي پا??ستان ۾ زراعت تي ٻڌل صنعتي شعبي ۽ ڊيري فارمنگ ۾ سيڙپڪاري جي دعوت به ڏني ۽ چيو ته انهن شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن. وزيراعظم چيو ته پا??ستان ۽ ترڪ ڪمپنيون تيل ۽ گئس جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿيون ۽ نه رڳو تيل ۽ گئس جي ڳولا ۽ پيداوار پر ريفائنريز جي تعمير ۽ پائيپ لائينز وڇائڻ ۾ به حصيداري ڪري سگهن ٿيون وزيراعظم پنهنجي حڪومت جي ترجيحن کي اجاگر ڪندي چيو ته چوٿين عالمي صنعتي انقلاب جي تناظر ۾ خاص طور صنعتي پيداوار جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ اهميت رکندڙ آهي، هن چيو ته پا??ستان جي وڏي آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، جيڪا ملڪ جي ترقي ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
وزيراعظم پاران ترڪ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي دعوت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ