اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قائدا??ظم جي ايمان، اتحاد ۽ نظم جي اصولن تي عمل پيرا ٿي اسان پاڪستان کي مضبوط ۽ ترقي يافته بڻائي سگهون ٿا، ٻار اسا?? جي مستقبل جي قيادت آهن، انهن کي سدائين سچ ڳالهائڻ، امانت ۾ خيانت نه ڪرڻ، والدين ۽ استاد?? جي عزت ڪرڻ، ٻين مذهب?? جي ماڻهن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ ۽ خصوصي ٻارن سان محبت جي نصيحت ڪريون ٿا، پاڪستا?? جي خانداني نظام جي مضبوطي اسا?? جي ملڪ جو خوبصورت ٿنڀ آهي، اسان کي ان کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو آهي. قائدا??ظم محمد علي جناح جي سالگرهه جي مناسبت سان ايوان صدر ۾ قائد ۽ ٻار جي عنوان سان خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي ٻارن خوبصورت ملي ??غما پيش ڪيا جن ۾ چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي ثقافت جي عڪاسي ڪئي وئي هئي، جڏهن ته هونهار ٻارن قائد جي ڏهاڙي جي مناسبت سان ا?? جي تاريخي ڪارنامن کي اجاگر ڪيو. ان موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه علوي پڻ موجود هئي جڏهن ته صدر ۽ خاتون اول ٻارن سان گڏجي قائدا??ظم جي سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو. ڊاڪٽر عارف علوي قائد جي ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هر سال 25 ڊسمبر تي ايوان صدر ۾ اها تقريب منعقد ڪئي وڃي ٿي، اڄ ٻارن سان هتي هو هن تقريب ۾ ڀرپور لطف اندوز ٿيو، ٻارن پنهنجي تقريرن ۾ ڀرپور انداز ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ ۽ قائد جي جدوجهد کي اجاگر ڪيو جڏهن ته انه?? جي معصوماڻي ڳالهه ٻولهه سان اسان کي اهو تصور مليو ته آزادي ڪيتري وڏي نعمت آهي، ماڻهو ا?? جي لاءِ سوين سال جدوجهد ۽ مصيبتون برداشت ڪن ٿا. صدر چيو ته آزادي سڀ کان قيمتي شيءَ آهي، هي ٻار اسا?? جي مستقبل جي قيادت آهن، انه?? جي ع??ر کيڏڻ جي آهي، قائدا??ظم هڪ سٺو رانديگر هو پر سندس والده کيس اها نصيحت ڪندي هئي ته جيڪڏهن پڙهندي لکندي ته وڏو ماڻهو ٿيندين، قائدا??ظم کي ٻارن سان تمام گهڻي محبت هئي، ٻار کيس خط لکندا هئا جن جو جواب هو پنهنجي صحيحن سان ڏيندو هو جڏهن ته آزادي جي تحريڪ ۾ ٻار کيس چندو به ڏيندا هئا. صدر چيو ته قائدا??ظم سدائين پنهنجي ڀيڻ کي هر محفل ۾ گڏ رکندو هو، سندس اهو قدم هڪ مڪمل خاندا?? جي عڪاسي هئي. هن چيو ته محنت سان منزل نظم ۽ ضبط ??اصل ٿئي ٿو، اتحاد سان اسان وڏي طاقت بڻجي سگهون ٿا، سدائين سچ ڳالهائڻ جي ضرورت آهي، هڪ ٻئي سان سچ ڳالهائڻو آهي اها ئي نصيحت اسا?? جي پيغمبر ﷺ جي هئي جڏهن ته قائدا??ظم به سچ ڳالهائڻ ۽ محنت جي ضرورت تي زور ڏنو، پاڪستان ۾ جيڪڏهن اهي هڪ ٻه شيون اچي وڃن ته پاڪستان مضبوط تر ملڪ بڻجندو. هن ٻارن کي نصيحت ڪئي ته امانت ۾ خيانت نه ڪريو، ماءُ پيءُ ۽ استاد?? جي سدائين عزت ڪريو، راند سان جسماني طاقت نظم ۽ ضبط ۽ صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو ملي ??و اها به ضروري آهي، وڏ?? جي عزت ڪريو جيڪا پاڪستا?? جي خوبصورتي آهي ٻين مذهب?? جي ماڻهن سان به سٺو سلوڪ ڪريو، خصوصي ٻارن سان محبت ڪريو. هن چيو ته اسان جو خانداني نظام اسا?? جي معاشري جو خوبصورت ٿنڀ آهي، ان کي مضبوطي سان پڪڙڻو آهي، ننڍن وڏن جو خيال رکڻو آهي، اهو ئي پاڪستا?? جي ثقافت جو به حصو آهي. هن چيو ته پاڪستا?? جي مضبوطي ۽ ترقي اسان جو خواب آهي، قائدا??ظم هڪ ڀيرو هڪ ٻار کان پڇيو ته توهان کي وڏو ٿي ڇا بڻجڻو آهي ته هن چيو ته آئون قائدا??ظم بڻجندس جنهن تي باباءِ قوم چيو هو ته پاڪستان کي هڪ ٻئي جناح جي ضرورت آهي. هن پنهنجي تقرير جي پڄاڻي ان دعا سان ڪئي ته جيستائين آهي هي دنيا باقي اسان ڏسون آباد توکي، سوهڻي ڌرتي الله رکي قدم قدم آباد توکي.
قائداعظم جي ايمان، اتحاد ۽ نظم جي اصولن تي عمل پيرا ٿي اسان پاڪستان کي مضبوط ۽ ترقي يافته بڻائي سگهون ٿا: صدر
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais