لاهور – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ ميڊيا ۽ جمهوريت کي مڪمل آزادي حاصل آ??ي، صحافت جي شعبي ۾ فيڪ نيوز پکيڙڻ تمام آسان ٿي ويو آ??ي، اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، ميديا ۾ توازن رکڻ ضروري آ??ي، مسلم دنيا ۾ پاڪستان جو ڪو مقابل نه آ??ي، اسان پنهنجي صحافتي آزادين جو تقابل ٿرڊ ورلڊ يا مسلم ورلڊ سان نه پر فرسٽ ورلڊ سان ڪريون ٿا، پاڪستان جڏهن ٺهيو ته دنيا ??ا مسلمان ان کي نش??ط ثانيه جي طور تي ڏسي رهيا هئا، عورت ليڊرشپ پيدا ڪرڻ ۾ مسلمانن اه?? ڪردار ادا ڪيو، مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا شوڪت علي صحافت جا روشن ستارا هئا، مولانا ظفر علي خان مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اه?? آهي ته اسان صحافت ڪريون ذميواري سان. اهڙن خيالن جو اظهار هن مولانا ظفر علي خان مرحوم جي 65 هين ورسيءَ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مولانا ظفر علي خان مرحوم کي پاڪستان ۾ باباءِ صحافت چيو وڃي ٿو، هو تحريڪ پاڪستان جو اه?? اڳواڻ هو. هن چيو ته اسان جي بزرگن تحريڪ پاڪستان جي لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪيو، 1946ع ۾ چوڌري اويس جهلم ضلعي ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو صدر رهيو، منهنجو چاچو چوڌري الطاف 1952ع ۾ اولهه پاڪستان اسيمبلي جو ميمبر رهيو، مختلف حيثيتن سان هن تحريڪ پاڪستان جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 1870ع ۾ پهرين اخبار هيڪن گزٽ جي نالي سان ڪوڪلڪتا مان شايع ٿي، هندستان جي مختلف شهرن ۾ صحافت جو وڏو غلبو رهيو آ??ي، اتر انڊيا ۾ صحافت جو مرڪز لاهور هو، لاهور مان تمام وڏيون اخبارون شايع ٿيون. هن چيو ته 1903ع ۾ مولانا ظفر علي خان جي والد زميندار اخبار شروع ڪئي. واشنگٽن ۾ قائم اخبارن ۽ ميڊيا بابت ميوزيم جي طرز تي اسان کي لاهور ۾ به ميوزيم ٺاهڻ گهرجي، لاهور ۾ اردو بازار تاريخي اه??يت رکي ٿي، ڪتاب ۽ پرنٽنگ سان شرف رکندڙ ان مان فائدو کڻي سگهن ٿا.
پاڪستان ۾ ميڊيا ۽ جمهوريت کي مڪمل آزادي حاصل آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی