اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) اطل??عا?? ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان سان پاڪستان جي آئين تحت ڳالهين جي شروعات ٿي چڪي آهي، هڪ معاهدي تحت پاڪستان حڪومت ۽ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان مڪمل سيز فائر تي راضي ٿي چڪا آهن، ڳالهي?? ۾ ??ياست ??ي حاڪميت، ملڪي سلامتي، لاڳاپيل علائقن جي امن، معاشرتي ۽ اقتصادي استحڪام کي نظر ۾ رکيو ويندو، افغان اٿارٽيز انهن ڳالهي?? ۾ ??هولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو آهي. اها ڳالهه هن تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهين جي حوالي سان ڳالهائيندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان پهرين آڪٽوبر 2021ع تي پنهنجي انٽرويو ۾ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان ڳالهين جو ذڪر ڪيو هو، انهن ڳالهين جي شروعات ٿي چڪي آهي. هن چيو ته ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهيون آئين ۽ قانون تحت ٿينديون، ڪا به حڪومت پاڪستان جي آئين ۽ قانون کان ٻاهر ڳالهيون ڪري ئي نه ٿي سگهي. هن چيو ته انهن ڳالهي?? ۾ ??ياست ??ي حاڪميت، ملڪي سلامتي، لاڳاپيل علائقن جي امن، معاشرتي ۽ اقتصادي استحڪام کي نظر ۾ رکيو ويندو. اطل??عا?? واري وفاقي وزير چيو ته ڳالهي?? ۾ ??نهن علائقن جي متاثر ماڻهن کي قطعي طور تي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، انهن علائقن جي ماڻهن کي اعتماد ۾ ورتو پيو وڃي. هن چيو ته ڳالهين جي اڳڀرائي کي سامهون رکندي سيز فائر ۾ توسيع ٿيندي ويندي، انهن ڳالهي?? ۾ ??فغانستان جي اٿارٽيز (عبوري حڪومت) سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن يچو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته پاڪستان جا اهي علائقا هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ مڪل امن طرف وڌي رهيا آهن.
ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان سان پاڪستان جي آئين تحت ڳالهين جي شروعات ٿي چڪي آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا