اسلام آباد-22 سيپٽ??بر (اي پي پي) افعانستان ۾ اشرف غن?? جي حڪومت جي خاتمي ب??د افغانستان کي خوشحاليءَ جي راهه تي گامزن ٿيڻ لاءِ علائقائي واپار ۽ ترقياتي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي ضرورت پوندي. پاڪ- چين اقتصادي راهداري بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو وڌيڪ فعال راهدارين مان هڪ آهي، جنهن تحت پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جاري زراعت، صنعت ۽ سماجي اقتصادي خوشحال?? جي منصوبن جي ٻئي مرحلي ۾ 60 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي. اخبار م??جب بيلٽ اينڊ روڊ اني ايشٽو ڊگهي مُدي واري اقتصادي ۽ ڍانچ?? جي ترق?? جي رٿا آه?? جيڪا مختلف ملڪن ۽ عالمي ادارن کي پاڻ ۾ ملائي ٿي جنهن جو مقصد انسانيت جي گڏيل مستقبل سان گڏوگڏ هڪ برادريءَ جي تعمير ڪرڻ آهي. ان ۾ افغانستان ۾ اُتان جي ب??ادريءَ جي نئين سر تعمير ۾ مدد ڏيندڙ سمورو مڪينزم موجود آهي. هوڏانهن طالبان ترجمان ۽ سياسي ڪميشن جي سربراهه افغان عوام جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ چين سان ڀائيواريءَ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته طالبان عالمي سيڙپڪاريءَ جي آجيان ڪري ره??ا آهن ۽ عالمي ڪمپنين تي زور ڀري ره??ا آهن ته اهي افغانستان ۾ پنهنجون ڪارروايون جاري رکن، جڏهن ته پنهنجي پاڙيسرين خاص طور تي چين ۽ پاڪستان کي يقين ڏياريو آهي ته اهي دهشتگردن کي افغان ڌرتي استعمال ڪرڻ نه ڏيندا، جيڪڏهن طالبان پنهنجا وعدا پورا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ته پوءِ ان سان پوري خطي ۾ خوشحالي ۽ ترقيءَ کي هٿي ملندي.
سي پيڪ سان جڙڻ سبب افغانستان کي حاصل ٿيندڙ صنعتي، ڊجيٽل، سماجي ۽ معاشي فائدا ملڪ جي نئين سر تعمير ۽ افغان عوام جي زندگي کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا: چائينا ڊيلي
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم