اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪابل ۾ هڪ اهڙي حڪومت جا خواهشمند آهيون جنهن تي افغانس??ان جون س??ئي سياسي پارٽيون ۽ عوام متفق هجي، نيٽو فوج جي واپسي کانپوءِ افغان فوج پنن وانگر وکري وئي آهي، افغانس??ان جي صورتحال جو اثر پاڪس??ان تي به پوندو آهي، افغان قيادت جا اثاثا ۽ خاندان ٻاهرين ملڪ آهن، جڏهن ته افغان عوام غربت ۽ مشڪلاتن ۾ مبتلا آهي، پاڪس??ان افغان پناهگير ٻارن کي اسڪالرشپ ڏنيون، 6 هزار افغان ٻار هن وقت پاڪس??ان ۾ تعليم پرائي رهيا آهن، يونيورسٽين جو جديد ٽيڪنالاجي ۾ اهم ڪردار آهي، آءِ ٽي ۽ تعليم جي ڪري پاڪس??ان جي مستقبل کي روشن ڪرڻو آهي، پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي حڪومت قائداعظم ۽ علامه اقبال جي نظرين تي ٻڌل جديد مسلم رياست جي قيام لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، صوبن ۽ وفاق کي تعليم ۾ جدت لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اسلامي يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ ”پاڪس??ان جي مستقبل ۾ نوجوانن جو ڪردار“ جي موضوع تي ٿيندڙ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عالمي اسلامي يونيورسٽي جو پاڪس??ان جي تعليمي شعبي ۾ اهم ڪردار آهي، دنيا ۾ ماڊرن يونيورسٽيون جديد تعليم، صنعت ۽ ٽيڪنالاجي کي گڏائي نئين معيشتن جو بنياد رکيو، اسٽين فورڊ يونيورسٽي آمريڪا ۾ 500 ٽريلين ڊالر جي معيشت بيهاري، ايپل، گوگل، واٽس ايپ، اسٽي فورڊ يونيورسٽي جي شاگردن جون ٺهيل ايپس آهن، يونيورسٽين ئي انهن کي موقعا ڏنا ته هو پنهنجي ٽيڪنالاجي کي ڪمرشلائيز ڪن. هن چيو ته يونيورسٽيون، نئين ٽيڪنالاجيز ۽ ڪمرشلائيزيشن جي ڪاميابين دنيا کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تعليم واري وزارت ۽ سائنس واري وزارت کي پاڪس??ان جي مستقبل کي ترقي طرف هموار ڪرڻ آهي. هن چيو ته جڏهن اسان پاڪس??ان ۾ پنهنجو سفر شروع ڪيو ته اسان وٽ صرف هڪ يونيورسٽي هئي، اڄ ملڪ ۾ 217 يونيورسٽيون آهن، هن چيو ته اسان کي يونيورسٽين ۾ معياري تعليم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، اسان جڏهن يونيورسٽي جو بنياد رکون ته اسان کي خبر هجڻ گهرجي ته اها يونيورسٽي ملڪ جي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته صوبن ۽ وفاق کي گڏجي تعليم ۾ بهتري لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته فيصل آباد زرعي يونيورسٽي ۾ زبردست ڪم ٿي رهيو آهي، پر اسان جي زراعت فيصل آباد زرعي يونيورسٽي سان گڏ اهڙي طرح ڳنڍيل ناهي جهڙي طرح هجڻ گهرجي ها. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان کي يونيورسٽين جي ميڪنزم کي بهتر بڻائڻو آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قائداعظم ۽ علامه اقبال ترقي يافته ۽ جديد پاڪس??ان جو خواب ڏٺو هو، علامه اقبال جديد مسلم سوچ تي ڪتاب لکي هن جديد رياست جا آئيڊياز پيش ڪيا، چوڌري فواد حسين چيو ته قائداعظم ۽ علامه اقبال جي نظرين تي ٻڌل جديد مسلم رياست جي جوڙجڪ اسان جو عزم آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪس??ان تحريڪ انصاف علامه اقبال ۽ قائداعظم جي نظرين کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان کي اسان جون حالتون فيصلا ڪرائينديون آهن، افغانس??ان جي صورتحال تي نظر وڌي وڃي ته ان ڳالهه کي سدائين نظرانداز ڪيو ويندو رهيو آهي ته افغانس??ان جي صورتحال اسان جي ڪري پيدا ناهي ٿي. هن چيو ته 1979ع ۾ يو ايس ايس آر افغانس??ان تي قبضو ڪيو، آمريڪا 1988ع ۾ افغانس??ان مان واپس ويو ۽ هاڻي وري آمريڪا جي افغانس??ان کان واپسي ٿي، اهي سڀئي واقعا اسان کان پڇي ڪري ناهن ڪيا ويا پر ان جا نتيجا اسان کي ڀوڳڻا پيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان افغانس??ان جي اندر هڪ اهڙي حڪومت جا خواهشمند آهيون جنهن ۾ افغانس??ان جون س??ئي پارٽيون ۽ افغان عوام گڏ هجي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان طالبانن کي آمريڪا سان ڳالهين تي راضي ڪيو، ڪابل جي حڪومت ۽ طالبان جون ڳالهيون ڪرايون، پر جيڪڏهن طالبان اتي صوبا فتح ڪري رهيا آهن ته ان ۾ سوال پاڪس??ان کان نه پر افغانس??ان کان ٿيڻ گهرجي. آمريڪا ۽ نيٽو ملڪن 2 هزار ارب ڊالر لڳائي افغانس??ان ۾ 3 لک فوج بيهاري، اها فوج ڇو وکري وئي، ان جو سبب اهو هو ته جيڪو پئسو افعانس??ان کي ڏنو ويو هو اهو افغانس??ان ۾ نه لڳو. اڄ افغانس??ان جي سياسي اڳواڻن ۽ جرنيلن جو ملڪيتون ٻاهرين ملڪ آهن، انهن جا ٻار ٻچا ٻاهرين ملڪ رهن ٿا، پر افغانس??ان جي عوام غربت جي زندگي گذاري رهي آهي. هن چيو ته ايترو پئسو ڏنو ويو ته اهو پئسو صحيح خرچ ڇو نه ڪيو ويو؟ چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي ته اسان افغانس??ان جي اندر هڪ اهڙي حڪومت جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ سڀئي پارٽنرز ۽ گروپس متفق هجن. افغانس??ان ۾ ويڙهه ٿيندي آهي ته ان جا اثر اسان تي به پوندا آهن. هن وقت تقريبن 35 لک افغان پناهگير پاڪس??ان ۾ موجود آهن، اسان جي پنهنجي معيشت ڪمزور آهي، ان جي باوجود اسان پنهنجي افغان ڀائرن کي کلي دل سان سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون، اسان افغان پناهگيرن جي ٻارن کي تعليم جي سهولت فراهم ڪئي. هن وقت افغانس??ان جي پوري ڪرڪيٽ ٽيم افغان پناهگيرن تي مشتمل آهي، اڄ افغانس??ان جون س??ئي عورت ٽيچرز ۽ استاد پاڪس??ان کان پڙهي ڪري ويا آهن، اڄ به 6 هزار اسڪالرشپ تي افغان ٻار هتي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، هن چيو ته دنيا کي به ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اسان ايترو وڏو بار پهرئين به کنيو آهي، هن چيو ته اسان کي پاڪس??ان کي جديد رخن تي هموار ڪرڻو آهي، پاڪس??ان جو مستقبل هڪ اهڙي مستقبل ۾ لڪيل آهي جنهن جو بنياد علم، منطق ۽ دليل تي هوندو.
ڪابل ۾ هڪ اهڙي حڪومت جا خواهشمند آهيون جنهن تي افغانستان جون سڀئي سياسي پارٽيون ۽ عوام متفق هجي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار