عاشق حسين ساند
سنڌ جي ثقافتي ۽ سياحتي شهر ٽنڊوآدم جي هنجورڻ ڍنڍ جي ڪناري قائم قديمي پاڙي جمن شاهه جتي جو هڪ ئي خاندان 7 پيڙهين لڳ ڀڳ 200 سالن کان پڪل ??ان (سجي) جو ڪاروبار ڪري دنيا ۾ نالو ڪمايو آهي، ٽنڊوآدم جي سجي جيڪا دنيا ۾ پنهنجي بهترين ذائقي سبب وڏي شوق سان کاڌي وڃي ٿي،
ان جو ڪاروبار ٽنڊوآدم جو هڪ ئي خاصخيلي خاندان ڪري رهيو آهي. 75 سال جي ڄمار رکندڙ سجي جو ڪاروبار ڪندڙ ماما غلام رسول خاصخيلي ۽ انور علي خاصخيلي ٻڌايو ته هو پنهنجي پڙ ڏاڏي کان وٺي اهو ڌنڌو ڪري رهيا آهن.
غلام رسول ٻڌايو ته 7 پيڙهين ۽ لڳ ڀڳ 200 سالن کان سندس خاندان ان ڪاروبار سان واڳيل آهي، هن ??ڌايو ته هو پاڻ جڏهن ??اروتڻ جي عمر ۾ هو ته ان وقت اها پڪل ??ان چار آنا وڪرو ٿيندي هئي، جڏهن ته هاڻي ان جو اگهه وڌندي وڌندي وڃي 1800 رپين کان 2000 رپين تائين پهتو آهي ۽ ان جو وزن سوا ڪلو کان ڏيڍ ڪلو تائين هجي ٿو جڏهن ته هن جي وڏن ان ڪم جي شروعات پنهنجي مرشد غوث بهاءُالحق جي گادي نشين جي چوڻ تي ڪئي. هن ??ڌايو ته هو جيڪا ??ان تيار ڪن ٿا اها نه رڳو سنڌ پر هندستان، ايران، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب اماراتن سميت نار جي ڪيترن ئي ملڪن ۽ يورپي ملڪن ڏانهن ??ڻ وڏي شوق سان گهرائي وڃي ٿي. هن ??ڌايو ته سندس جواني واري عمر ۾ سعودي جي اڳوڻي بادشاهه شاهه فيصل سميت ڪيترائي عرب شهزادا پڻ اها ??ان گهرائيندا رهيا آهن، جڏهن ته اسلامي سربراهي ڪا??فرنس ۾ هنن جي تيار ڪيل ??ان وڏي انگ ۾ گهرائي وئي هئي. جڏهن ته صدر ايوب خان به هڪ ڀيرو اها ??ان کائن بعد ڪيترائي ڀيرا اها ??ان کاڌي ۽ کين اعزازي سرٽيفڪيٽ سان پڻ نوازيو هو. جڏهن ته سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ڄام صادق علي خان جي فرزند ۽ اڳوڻي وفاقي وزير مرحوم ڄام معشوق علي خان جي شادي جي موقعي تي پڻ هزارن جي انگ ۾ اهي رانون گهرايون ويون هيون. ??ان جي تياري جي حوالي سان ٻڌائيندي غلام رسول خاصخيلي ٻڌايو ته سڀ کان اڳ ڇيلي (ٻڪر) جي چونڊ ڪئي ويندي آهي ۽ 7 کان 8 ڪلو ۽ 5 کان 6 مهينن جي عمر واري ٻڪر کي ذبح ڪري ان مان ??ان تيار ڪئي وڃي ٿي ۽ ان سڄي ڇيلي مان 2 رانون (پويون ٽنگُون)، 2 دستيون (اڳيون ٽنگُون) ۽ هڪ ڪمر پچائي وڃي ٿي. ??ان جي تياري لاءِ سڀ کان پهرئين سڪل ڪا??ين جي باهه ٻاري وڃي ٿي ۽ ڪچي ??ان کي بهتر نموني ڌوئي ان کي لوڻ هڻي ۽ 3 کان 4 ڪلاڪ پاڻي ۾ رکيو ويندو آهي ته جيئن اها لوڻ جذب ڪري وٺي. جنهن بعد ان کي تيل جو ڇنڊو هڻي چهنبدار ڪا??ي ۾ هڻي ٻريل باهه جي ويجهو پچڻ لاءِ رکيو ويندو آهي ۽ شروعاتي پچڻ لاءِ ان کي 3 کان 4 ڪلاڪن تائين ان ئي باهه جي تپش تي رکيو ويندو آهي جنهن بعد ان کي گيهه هڻي ٽانڊن جي تپش تي آخري مرحلي تحت پچايو ويندو آهي ۽ ان دو??ان ??ان کي ڇري سان چهڪ ڏئي ان تي ٻه ڀيرا گيهه جو ليپ ۽ مصالحو هنيو ويندو آهي پر جي ان سموري مرحلي ۾ تڪڙ کان ڪم ورتو ويو ته ان جي سواد ۾ گهٽتائي اچي ويندي ۽ جي اها ??ان سچي گيهه ۾ تيار ڪئي وڃي ته ان جو ذائقو اڃا به وڌيڪ ٿي وڃي ٿو. هن ??ڌايو ته ??ان ۾ استعمال ٿيندڙ مصالحو هو پاڻ تيار ڪندا آهن ۽ ان ۾ ڏاڙهون، دال چيني، ڪ??را مرچ، ڦوٽا، اڇو جيرو، ڪ??رو جيرو ۽ ٻيو سامان استعمال ڪيو وڃي ٿو. هن ??ڌايو ته ??ان پچڻ بعد ان کي ڪٽي ان تي ليمون هڻي کائيندڙ جي اڳيان رکي وڃي ٿي ۽ اها ڏهي جي رائتي سان وڌيڪ مزو ڏيندي آهي
جڏهن ته جي وري ٻاهر اماڻيندا آهيون ته ان کي پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۽ ڪلي ۾ پيڪ ڪيو ويندو آهي ته جيئان اها ڪا??ي ڪلاڪن تائين گرم رهي ۽ خاص طور تي 5 ڪلاڪن تائين اها پنهنجو مزو برقرار رکندي آهي. جڏهن ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڪيترائي ماڻهون قرباني جي جانورن جو رانون کڻي ايندا آهن جيڪي اسان انهن کي مناسب اجوري تي پچائي ڏيندا آهيون. هن ??ڌايو ته دنيا ۾ تمام گهڻو مشهوري ملڻ بعد ملڪ جي ڪيترين ئي ناليوارين هوٽلن اسان کي پاڻ وٽ ڪم ڪرڻ لاءِ آڇون ڪيون پر اسان هميشه اهي آڇون ٺڪرائي ڇڏيون. هن ??ڌايو ته ڏينهون ڏينهن ??هانگائي سبب هاڻي ان ڪاروبار ۾ به مزو ناهي رهيو ڪمايون ٿا ۽ کائون ٿا هاڻي ان مان بچت سوچڻ وقت وڃائڻ برابر آهي.