اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان قديم ترين ثقافتن ۽ تاريخي جايون رکندڙ ملڪ طور اڄ سياحت جو عالمي ڏهاڙو مله??ئي رهيو آهي، اڄ 27 سيپٽمبر تي سڄي دنيا سياحت جو عالمي ڏهاڙو سياحت ۽ ڳوٺاڻي ترقي جي عنوان سان مله??ئي رهي آهي، وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن گڏي?? قومن جي عالمي سياحت جي اداري جي اهتمام هيٺ گڏي?? قومن جي سمورن ميبر ملڪن ۾ ملهايو وڃي ٿو، پاڪستان عالمي ڏهاڙي کي پوري جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جي لاءِ سدائين عالمي برادري جو ساٿ ڏنو آهي. سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان جاري پنهنجي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته هلندڙ سال ان ڏينهن جو موضوع سياحت ۽ ڳوٺاڻي ترقي چونڊيو وي?? آهي. وزيراعظم چيو ته سياحت جو شعبو ڳوٺاڻن علائقن جي معاشي ترقي جا وسي?? موقعا فراهم ڪري ٿو جتي اقتصادي سرگرمين جي فروغ جي سخت ضرورت آهي.
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔