اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سبسڊيز مان اهي ماڻهو فائدو کڻي رهيا آهن جيڪي پهرين ئي طاقتور آهن، بجلي وانگ?? گئس جي شعبي جو گردشي قرض به وڌي رهيو آهي، درآمدي ۽ ملڪ جي اندر پيدا ٿيندڙ گئس جي قيمت ۾ تمام وڏو فرق آهي، درآمدي گئس موجوده قيمت تي فراهم ڪرڻ جي سٽ سهي نٿا سگهون، ايندڙ سردين ۾ وڏو مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو، گذريل 30 سالن ۾ ملڪ جي توانائي جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ڪا منصوبابندي نه ڪئي وئي، ماضي ۾ بروقت فيصلا نه ٿيڻ جي ڪري اسان جي صنعتن تي بار پيو، ملڪي مسئلن جي حل لاءِ بحث ۽ مب??حثو ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي پيٽروليم ڊويزن جي اهتمام هيٺ گئس جي گ??رج ۽ رسد بابت ”پاڪستان ۾ گئس جي وڏي مقدار ۾ فراهمي، استحڪام ۽ سيڪيورٽي“ جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ??بسڊيز ڏيڻ جو مقصد غريب عوام لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ هوندو آهي ته ??ئين انهن کي سستي سهولت دستياب ٿئي، ٻيو انهن علائقن لاءِ سبسڊي ڏني ويندي آهي جيڪي ترقي ۾ پوئتي رهجي ويا آهن ته ??يئن في ڪس آمدني ۽ جي ڊي پي جي شرح ۾ اضافو ٿئي ۽ اسان قرض واپس ڪريون، هن چيو ته ??دقسمتي سان پاڪستان ۾ سبسڊيز مان اهي ماڻهو فائدو کڻي رهيا آهن جيڪي پهرين طاقتور آهن.
پاڪستان ۾ سبسڊيز مان طاقتور ماڻهُوءَ فائدو کڻي رهيا آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری