اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان نئون پاڪستان هائوسنگ منصوبي جي لاءِ رجسٽريشن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ان عمل ذريعي سڄي ملڪ ۾ پگهاردار ۽ وچين طبقي جي گهرن جي تعمير جي حوالي سان وسيلن ۽ گهرن جي طلب بابت معلومات حاصل ٿي سگهندي جنهن کانپوءِ اهي اسڪيمون شروع ڪيون وينديون. اسلام آباد ۾ نئون پاڪستان هائوسنگ ۽ ڊولمينٽ اٿارٽي تحت آن لائين رجسٽريشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم ع??ران خان چي?? ته مختلف سببن جي بنياد تي اسان جي بئنڪنگ جو نظام گهر ٺاهڻ جي لاءِ فنانسنگ نه ڪري رهيو هو، ان صورتحال ۾ رڳو اهي ئي ما??هو ٺاهي سگهندا هئا جن وٽ روڪ رقم موجود هوندي هئي.
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل