اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته آڊٽ بي??رو آف سرڪيوليشن جي نظ??م کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ ۽ آٽوميشن جو نظام متعارف ڪرائڻ سان اخباري صنعت ۾ به??ري اچڻ سان گڏوگڏ شفافيت ۽ گڊ گورننس کي يقي??ي بڻائڻ ۾ پڻ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافي تنظيمن سميت وفاقي ۽ صوبائي اطلاعات کاتن جي آفيسرن تي ٻڌل مشاورتي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته آڊٽ بي??رو آف سرڪيوليشن جي ڪمپيوٽرائيزيشن ۽ آٽوميشن جو عمل سمورين ڌرين جي مفاد ۾ هوندو. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي ثمرن سان علائقائي ۽ مقامي اخبارون پڻ فائدو کڻي سگهن ٿيون. مملڪتي وزير چيو ته آٽوميشن جو بنيادي مقصد اخبارن جي سرڪيوليشن جي انگن اکرن کي آن لائن ڪرڻ آهي جنهن سان نه رڳو ميڊيا جي صنعت ۾ به??ري ايندي پر ان سان شفافيت ۽ گڊ گورننس کي پڻ يقي??ي بڻائڻ ۾ مدد ملندي.
آٽوميشن جي نظام سان اخباري صنعت ۾ بهتري ايندي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل