واشنگٽن – 18 آڪتوبر (اي پي پي) عالمي مذهبي آزادي بابت ??مر??ڪي ڪميشن ڀارت کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي مذهبي عدم برداشت جي واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق عالمي مذهبي آزادي بابت ??مر??ڪي ڪميشن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بي جي پي جي اقتدار واري دور ۾ ڀارت ۾ مذهبي مت ڀيد جي پاليسين کي هٿي ملي. مذهبي اقليتن ۽ سندن حامي?? جو آواز دٻايو پئي وڃي ۽ انه?? جون زندگيون مشڪل ڪيون پي??ن وڃن. مودي سرڪار جي اقليتن خلاف پرتشدد قدمن سبب مسلمانن، عيسائين، سکن، دلتن ۽ قبائلين تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن.رپورٽ مطابق بي جي پي جي حڪومتي دور ۾ مذهبي اقليتن تي حملن ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ مسجدن سميت اقليتن جي عبادتگاهن کي ڊاهيو ويو آهي. مودي سرڪار جي جابراڻين پاليسين سبب اقليتن کي ملڪيتن کان محروم ڪيو پيو وڃي جنهن سبب بهار، اتر پرديش، دهلي ۽ ٻين شهرن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين مذهبي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻين اقليتن وانگر مسلمانن کي شهريت ترميمي ايڪٽ ۽ اين آر سي جهڙن قدمن سان پوئتي ڌڪڻ جون ڪوششون ڪيون پي??ن وڃن، جنهن سبب آسام ۾ 7 لک مسلمانن جي شهريت کي خطرو آهي. ??مر??ڪي ڪميشن رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ اقليتن جي حوالي سان مذهبي آزادي بابت قدمن کي ساراهيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ وقت سر ۽ اثرائتن قدمن سبب مذهبي اقليتن جي آزادي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. مذهبي آزادي لاءِ ڪ??تا??پور راهداري، سياسي ميدان م وڌيڪ نمائندگي ۽ قانوني تحفظ جهڙيون اهم ڪوششون تحسي?? جوڳيون آهن.
مذهبي آزادي بابت آمريڪي ڪميشن ڀارت کي ڳڻتي جوڳو ملڪ قرار ڏئي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil