نيويارڪ-24 مئي (اي پي پي) آمريڪي ڪانگريس ميمبر ٿامس رچرڊ سوزي 26 مئي تي پاڪستاني ڄائي آمريڪي ڪميونٽي جي ميمبرن سان ملاقات ڪندو. آمريڪي ڪانگريس جو ميمبر ٿامس رچرڊ سوزي جيڪو ٽام سوزي جي نالي سان به سڃاتو ويندو آهي، آچر ڏينهن ٿيندڙ گڏجاڻي ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي و??ائڻ ۽ مضبوط بڻائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. نيويارڪ جي لانگ آئي لينڊ ۾ ٿيند?? ان نجي تقريب ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جا مشهور اڳواڻ شرڪت ڪندا. ٽام سوزي ان ميڙاڪي کي خطاب ڪندو ۽ پنهنجي پاڪستاني آمريڪي حلقن سان ڪم ڪندي آمريڪا جي مفادن کي و??يڪ ??ڳت?? وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. واضح رهي ته ٿامس رچرڊ سوزي هڪ آمريڪي سياستدان، اٽارني ۽ اڪائونٽنٽ آهي.
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن