واشنگٽن – 15 مارچ (اي پي پي) وائٽ هائوس ۾ قومي سلامتي جي ترجمان جان ڪربي چيو ته آمريڪي انتظاميا شهرين کي ڪڍڻ جي واضح منصوبي کانسواءِ رف?? ۾ فوجي آپريشن جي حمايت نه ڪندي. العربيا اردو مطابق هن چيو ته اسان اسرائيل سان رف?? ۾ انساني صورتحال بابت ڳالهيون ڪندا رهون ٿا. هن چيو ته دفاع واري وزارت غزه ۾ عارضي بندرگاهه کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پنهنجن شر??ڪت??ارن سان گڏجي ڪم ڪر?? رهي آهي. جان ڪربي جو بيان اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو طرفان فوج کي رف?? ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ جي بين الاقوامي دٻاءُ ک?? رد ڪرڻ کانپوءِ سامهون آيو آهي. نيتن ياهو چيو هو ته اسرائيلي فوج رف?? ۾ ويڙهه جاري رکڻ جي تياري ڪر?? رهي آهي، ان دوران اسانکي خطي ۾ داخل ٿيڻ ۽ مشن کي مڪمل ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ بين الاقوامي دٻاءُ درپيش آهي، اسرائيل جو وزيراعظم هجڻ جي ناطي هو ان دٻاءُ جو مقابلو ڪندو.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو