جڪارته_17 جنوري(اي پي پي) انڊونشيا جي پرڏيهي وزير ريتنو مارسودي چيو آهي ته سندس ملڪ فلسطين تي اسرائي?? جي قبضي کي چيلينج ڪرڻ لاءِ انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) ۾ ٻڌڻي لاءِ قانوني دليلن جي تياري ڪري رهيو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب انصاف جي عالمي عدالت 19 فيبروري تي نيڌرلينڊ جي شهر دي هيگ ۾ عوامي ٻڌڻي ڪندي، جتي ڌريون فلسطيني عل??ئق?? تي اسرائي?? جي قبضي جي قانوني نتيجن تي پنهنجا ??ليل پيش ڪنديون، آءِ سي جي آخر ڪار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي لاءِ هڪ نان بائنڊنگ ايڊوائزري جاري ڪندي، جنرل اسيمبلي ڊسمبر 2022 ع ۾ ان حوالي سان هڪ ٺهراءُ پڻ منظُور ڪيو هو، واضع رهي ته غزه تي اسرائيلي حملن ۾ 24 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، پرڏيهي وزير انڊونشيا ۾ عالمي قانوني ماهرن سان ڳالهين کان اڳ چيو هو ته انڊونشيا آ سي جي کي ايڊوائزري جي درخواست ڪرڻ ۾ جنرل اسميبلي جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته عالمي قانون کي برقرار رهڻ گهرجي. هن چيو ته اسرائي?? جي فلسطين خلاف عالمي قانون جي کليل خلاف ورزي کي دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ هڪ جامع قانوني راءِ قائم ڪرڻ ضروري آهي،هن چيو ته اسرائيل پاران فلسطيني عل??ئق?? ۽ بيت المقدس جي حيثيت کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو غير قانوني آهي، انڊونشيا جي سمورين ڪوششن جو ??نيادي مقصد فلسطيني جدوجهد جي حمايت جاري رکڻ لاءِ سمورن ممڪنه طريقن کي ڳولهڻ آهي.
انصاف جي عالمي عدالت ۾ فلسطين تي اسرائيل جي قبضي کي چيلينج ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا آهيون: انڊونشيا جو پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری