راملا -24 آڪٽوبر (اي پي پي)اسرائيل جي حملن سبب غزه پٽي ۾ شهيد ٿيلن جو انگ 5 کان وڌي ويو آهي. فلسطين جي صحت کاتي مطابق رات جو اسرائيل جي فوج طرفان ڪ??ل ڪيترن ئي حملن بعد هاڻي تائين شهيد ٿيل فلسطينين جو مجموعي انگ 5 هزار ??ان وڌي ويو آهي. غزه جي صحت واري وزارت جي تازن رپورٽن مطابق 7 آڪٽوبر کان غزه ۾ شهيد ٿيلن جو انگ 5087 ٿي ويو آهي، ج??هن ۾ عورتن ۽ ٻارن جي فوتگين جي شرح 62 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. ان کان علاوه 15273 کان وڌيڪ شهري زخمي ٿي پيا آهن. گڏيل قومن جي ان??ان?? همدردي واري اداري جي اختيارين فوري طور تي جنگبندي ۽ وڌيڪ امدادي قافلن کي غزه ڏا??هن اماڻڻ جو مطا??بو ڪيو آهي. هوڏا??هن صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي سربراهه ٽيڊ روس ازهانوم گيبريئس پنهنجي نئين اپيل ۾ چيو آهي، ته طبي ضروري شيون ۽ ٻارڻ جي امداد جي فراهمي کي رڪجڻ نه گهرجي ڇاڪاڻ ته غزه جي شهرين جون حياتيون امداد جي فراهمي تي ٻڌل آهن. غزه اسرائيل بحران تي گڏيل قومن جي ان??ان?? امداد جي رابطا آفيس او سي ايڇ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ هڪ هزار ??ان وڌيڪ لاپتا ٿيل ماڻهن جو اطلاع ڏنو آهي، خيال ڪيو پيو وڃي ته اهي ملبي هيٺان ڦاٿل آهن يا فوت ٿي چڪا آهن.
اسرائيل جي حملن ۾ غزه پٽي ۾ شهيد ٿيلن جو انگ 5 هزار کان وڌي ويو آهي: فلسطيني اختياريون
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا