اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم هائوس ۾ جديد ت??ين يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ايمرجنگ ٽيڪنالاجي قائم ڪرڻ بابت اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ نيشنل سينٽر آف ريسرچ، انوويشن ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ لاڳاپيل ٽيڪنالاجيز ۽ اهم نيشنل هيومن ريسورسز ترقياتي پروگرام ۾ انٽرپرينيورشپ قائم ڪرڻ بابت معاملا پڻ بحث هيٺ آندا ويا. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفا??ي وزير چوڌري فواد حسين، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل ٽاسڪ فورس جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن