يوڪوهاما – 06 مئي (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آ??ي ته پاڪستان مائيڪ??و اڪنامڪ استحڪام حاصل ڪري ورتو آهي ۽ هاڻي پائيدار اقتصادي واڌويجهه تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، مائيڪ??و اڪنامڪ استحڪام حاصل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان هاڻي پنهنجي اقتصادي حڪمت عملي تحت وڌيڪ واڌويجهه جي شرح رکندڙ پائيدار اقتصادي ترقي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي 50 هين سالياني ۽ بورڊ آف گورنرز جي اجلاس جي م??قع?? تي وڌندڙ عدم برابري جي موضوع تي گول ميز مذاڪري کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسرندڙ ملڪن گذريل ٻن ڏهاڪن دوران غربت جي شرح ۾ گهٽتائي جي حوالي سان نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، سڄي دنيا ۾ هڪ لک 24 هزار ماڻهو روزانو غربت مان نڪري رهيا آهن ۽ ايشيا ۾ بهترين اقتصادي ترقي جي ڪري غربت جي خاتمي جي شرح ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي.
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک