رياض – 18 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب چيو آهي ته غزه تي اسرائيلي حملا بند ڪرائڻ جي ڪوشش ۽ اسرائيلي بمباري سبب متاثر فلسطينين جا مسئلا گهٽائڻ لا??ِ امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. ايس پي اي مطابق سعودي عرب رياض ۾ اسلامي عرب سربراهه ڪانفرنس منعقد ڪري اسرائيلي جاحيت بند ڪرائڻ، غزه جو گهيراءُ ختم ڪرائڻ ۽ غزه متاثرن لا??ِ فوري انساني امداد جي فراهمي جي اجازت جي حوالي سان ٺهرائون منظور ڪرايون آهن. سعودي عرب غزه پٽي ۾ چر پر ڪندڙ ماڻهن جي مسئلن جو بار گهٽائڻ لا??ِ کاڌي پيتي جون شيون، دوائون ۽ خيما هوائي ۽ سامونڊي جهازن ذريعي مسلسل موڪلي رهيو آهي. غزه جي 85 سيڪڙو آبادي لڏپلاڻ تي مجبور آهي. اونروز جي رپورٽ مطابق اٽڪل 20 لک فلسطيني بي گهر ??ي ويا. سعودي عرب فلسطيني حڪومت جي سهڪار سان انساني امداد جي فراهمي کي يقين?? بڻائڻ لا??ِ قانوني ۽ سياسي قدم کڻي رهيو آهي. عوامي امدادي مهم تحت هن وقت تائين 617 مل??ن ريال کان وڌيڪ جمع ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي فلسطيني متاثرن لا??ِ عطيا ڏيندڙن جو انگ 15 لک کان وڌي ويو آهي. سعودي ع??ب 38 جهازن ۽ 5 سامونڊي جهازن ذريعي امدادي سامان ۽ 20 ايمبولينسون موڪليون آهن. سامونڊي ۽ هوائي رستن مان موڪليل امدادي سامان جو مجموعي وزن 5112 ٽن تائين پهچي چڪو آهي. شاه سلمان مرڪز غزه متاثرن جي مدد لا??ِ 150 مل??ن ريال جي خرچ سان صحت جي عالمي اداري، ريڊ ڪراس، اونروا ۽ خوراڪ جي عالمي اداري سان گڏيل سهڪار جا چار معاهدا ڪيا آهن.
غزه ۾ متاثرن لاءِ سعودي امداد جو سلسلو جاري
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر