اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ناڻي، روينيو، اقتصادي معاملا، شماريات ۽ نجڪاري بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو ج??هن جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين قيصر احمد شيخ ڪئي. ڪميٽي کي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پاڪستان ۽ سوئٽزر لينڊ جي ٽيڪس ??عاهدي جي باري ۾ بريفنگ ڏني جيڪا معلومات جي مٽاسٽا ۽ بينڪنگ جي شعبي جي حوالي سان آهي. هن چيو ته ان حوالي سان ڳالهيون جاري آهن ۽ جلد ئي پاڪستان او اي سي ڊي معاهدي جو حصو بڻجي ويندو جيڪو هڪ مثبت قدم ??وندو. هن وڌيڪ خاطري ڪرائي ته ڪميٽي جي بجيٽ سفارشن تي ترجيحي طور تي بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ غور ڪيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام