غزه-29 نومبر (اي پي پي) ??زه ۾ جنگ دوران پاورفل وڊيوز رپورٽنگ تي اي ايف پي جي ٻن صحافين بلال السباغ ۽ يوسف حسينا کي روري پيڪ ايوارڊ سان نوازيو ويو آھي. پرڏيھي رپورٽ مطابق اھو ايوارڊ وڊيو جرنلسٽ روري پيڪ جي نالي سان لاڳاپيل آھي جيڪو 1993ع ۾ ماسڪو ۾ قتل ڪيو ويو ھو. صحافي بلال السباغ جي عمر 33 ورھيه جڏھن ته يوسف جي عمر 47 ورھيه آھي. انھن کي جنگ وارن علائقن ۾ رپورٽنگ ڪرڻ تي سيپٽمبر ۾ بيوڪس جي لواڊوس ايوارڊ سان نوازيو ويو ھو. صحافي يوسف حسينا 2014ع کان اي ايف پي لاءِ ??زه ۾ ڪم ڪري رھيو آھي ۽ جنگ جي شروع کان وٺي ھيستائين کيس ڏھه ڀيرا ھجرت ڪرڻي پئي. ھو هن وقت ھڪ اھم غير جانبدار صحافي آھي جيڪو ??زه ۾ اي ايف پي لاءِ وڊيو رپورٽنگ ڪري رھيو آھي. فرانس جي پريس ايجنسي جي عالمي نيوز ڊائريڪٽر فل چيٽ ونڊ چيو ته اي ايف پي ۾ ھر ھڪ ماڻھو کي بلال ۽ ??زه ۾ سندس ساٿين جي ڪم تي فخر آھي. اھو ايوارڊ بظاھر ناممڪن حالتن ۾ سندن بھترين صحافت لاءِ خراج تحسين ۽ اهم حصو آھي. وڊيو ۽ آڊيو جي ڊپٽي نيوز ڊائريڪٽر گيلوم ميئر چيو ته اھو انعام بلال ۽ يوسف جي ھمٿ جي صلي ۾ آھي جن جي اي ايف پي لاءِ ڪيل ڪوريج سڄي ??نيا جي ٽي و?? اسٽيشنز کي ??زه ۾ تڪرار جي حقيقت ۽ ??زه ۾ شھري آبادي تي پوندڙ اثرن کي ڏيکاريو آھي.
اي ايف پي جي 2 صحافين کي غزه جنگ دوران پاورفل ڪوريج تي روري پيڪ وڊيو ايوارڊ سان نوازيو ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب