گڏيل قومون -22 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ايٽمي هٿيارن ۾ استعمال جوڳي تابڪاري مواد جي تياري تي پابندي جي تجويز واري معاهدي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ايٽمي هٿيارن لاءِ ٻارڻ طور استعمال ٿيندڙ تابڪاري مواد جي پيد??وا?? تي پابندي جي تجويز جي معاهدي جي مخالفت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي، ته جن ملڪن کي اڳ ئي ڪيترائي ٽن يورينيم رچاءُ تيار ڪرڻ جي ضرورت ناهي اهي ملڪ ان انبرابري واري معاهدي تي ضرورت کا?? وڌيڪ زور ڏئي رهيا ??هن. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان اقبال جدون جنرل اسيمبلي جي هٿيارن جي خاتمي ۽ عالمي سلامتي جي معاملن سان لاڳاپيل فرسٽ ڪميٽي کي ٻڌايو ته تجويز ڪيل معاهدي جي نتيجي ۾ رڳو ايٽمي هٿيارن ۾ استعمال جوڳي تابڪاري مواد جي تياري ۾ ڪٽوتي ڪئي ويندي ڇو ته هي معاهدو ايٽمي عدم توازن کي طاقت ئي وٺائيندو انهي لاءِ ان جي ايٽمي هٿيارن جي خاتمي جي حوالي سان اثرائتي ۽ ڪامياب هئڻ جا ڪي به امڪان ناهن. پاڪستاني نمائندي چيو ته اهي ملڪ جن اڳ ئي ڪيترائي ٽن تابڪاري مواد جو رچاءُ گڏ ڪري رکيو آهي انهن کي ته هي مواد تيار ڪرڻ جي ضرورت ناهي، ان لاءِ هو ايندڙ منطقي قدمن طور تابڪاري مواد جي رچاءَ جي هڪ حد مقرر ڪرڻ جهڙي تجويز تي زور ڏئي رهيا ??هن. اهڙيون تجويزون پيش ڪندڙن ۾ اهي ملڪ جوش ۽ خورش سان شامل آهن جيڪي ايٽمي دفاع کي وسعت ڏيڻ ۽ ايٽمي هٿيارن جي اشتراڪ جي انتظامن لاءِ ٻين ملڪن تي ڀاڙيندا آهن. پاڪستاني نمائندي چيو ته جيڪڏهن تابڪار مواد جي پيد??وا?? جي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ڪير سنجيده آهي ته کين ٻٽي معيار کي رد ڪندي پنهنجي ڪوششن جي شروعات ڏکڻ ايشيا ??ي ڪنهن ملڪ مثال طور ڀارت سان ايٽمي تعاون جي خاتمي سان ڪرڻ گهرجي جنهن حفاظتي انتظامن کا?? سواءِ تابڪار مواد جي رچاءَ کي ذخيرو ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي ۽ هاڻي ايٽمي هٿيارن ۾ استعمال جوڳي تابڪار مواد جي وڏي پئماني تي تياري جي راهه تي گامزن آهي. هن نشاندهي ڪئي ته خطي ۾ سڀ کا?? پهرين ڀارت ايٽمي هٿيار متعارف ڪرايا، ڀارت ايٽمي تجربن تي پابندي جي معاهدن تي صحيحين کا?? انڪار ڪر?? ٿو، پاڪستان خلاف جارحيت جي ڌمڪي ڏئ?? ٿو، ڄمون ڪشمير تي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عمل درآمد کي رد ڪر?? ٿو ۽ سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرشپ جو خواهشمند هئڻ سان گڏوگڏ تحمل جي قدمن تي ڳالهين کي به رد ڪر?? ٿو. هن ايٽمي هٿيارن کا?? پاڪ دنيا ??ي مقصد لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو هڪ عالمگير، تصديق جوڳو ۽ غير امتيازي طريقي سان حاصل ڪيو وڃي. اهو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ هڪ انٽرنيشنل ڪنوينشن آن نيگيٽو سيڪيورٽي اشوئرنسز (اين ايس ايز) سان عالمي ايٽمي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان اين ايس ايز تي پنهنجي ٺهراءَ جو مسودو به پيش ڪندو. هن ايٽمي هٿيارن جي خاتمي جي ذميوارين کي پورو نه ڪرڻ تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي يقين آهي ته اسان کي انهن رياستن جي سيڪيورٽي خدشن کي دور ڪرڻ لاءِ به پنهنجون ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن جيڪي انهن رياستن کي پنهنجي دفاع لاءِ ايٽمي هٿيارن جي حاصل ڪرڻ جي ڪوششن جهڙن قدمن ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا.
پاڪستان پاران ايٽمي هٿيارن ۾ استعمال جوڳي تابڪاري مواد جي تياري تي پابندي لاءِ تجويز ڪيل معاهدو رد
مضمون کا ماخذ : sorteios quina