تهران-09 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران چيو آهي ته اسرائيل آمريڪي صدارتي مهم تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ وچ او??ر ۾ وڏي جنگ شروع ڪرڻ وڃي رهيو آهي. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل باغائي چيو ته اسرائيل آمريڪي صدارتي مهم تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ وچ او??ر ۾ هڪ وڏي جنگ شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن ايڪس تي ج??ري پوسٽ ۾ لکيو ته پوري خطي کي هڪ مسلسل وڌندڙ جنگ طرف گهلڻ ۾ قابض اسرائيلي حڪومت جي جلدبازي جو بنيادي مقصد آمريڪا جي ايندڙ چونڊن ۾ بدنيتي سان هيراڦيري ڪرڻ آهي ۽ انهي ڪري آمريڪا جون سيڪيورٽي ايجنس??ون ايران تي آمريڪا جي اندروني معاملن ۾ م??اخلت جا ڪوڙا الزام لڳائي ره??ون آهن. واضح رهي ته آمريڪا ۾ صدارتي چون??ون 5 نومبر تي ٿينديون. موجوده آمريڪي صدر جوبائيڊن جي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي ٽڪيٽ تي چون??ون وڙهڻ جي اميد ڪئي پئي وئي پر آمريڪا جي اڳوڻي صدر ٽرمپ سان جون ۾ ٿيل بحث ۾ سندس بدترين ڪارڪردگي کانپوءِ هن صدارتي چونڊن تان هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پنهنجي ج??ءِ تي هن نائب صدر ڪملا هيرس جي نامزدگي جي حمايت ڪئي.
اسرائيل آمريڪي صدارتي مهم تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ وچ اوڀر ۾ وڏي جنگ شروع ڪرڻ وڃي رهيو آهي: ايران
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável