ڪيف – 26 جولاءِ (اي پي پي ) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته چين يوڪرين جي علائقائي سلامتي ۽ بقاءَ جو احترام ڪ??ي ٿو. هن تصديق ڪئي ته چين روس کي هٿيار فراهم ڪندڙ ملڪن ۾ شامل نه ٿيندو. شنهوا موجب هن چيو ته پرڏيهي وزير دمتري ڪوليبا جي چين ۾ ٿيل ملاقاتن جي رپورٽ ملي آهي. ڊگهي عرصي کانپوءِ پرڏيهي وزير جي حيثيت س??ن چين جو اهو دورو اهم رهيو آهي. يوڪرين اڳواڻ ان کانسواءِ اهو به ٻڌايو ته چين يوڪرين جي علائقائي سلامتي جي بقا جو احترام ڪ??ي ٿو. چين جي صدر شي جن پنگ اسان تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته سندس ملڪ ??وس کي هٿيار فراهم ڪندڙ ملڪن ۾شامل نه ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II