گڏيل قومون -13 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽر?? جنرل انتونيو گوتريش افغانستان ۾ ٻوڏ سبب فوت ٿيلن جي وارث?? سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. سيڪريٽر?? جنرل جي ترجمان بيان ۾ چيو ته گڏيل قومون ۽ افغانستان ۾ سندن شراڪت??ار فوري طور تي ضرورتن جو جائزو وٺڻ ۽ هنگامي امداد فراهم ڪرڻ ??اءِ افغان اختياري?? سان رابطو ڪري رهيا آهن. هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته انساني همدردي جي بنياد تي ڪم ڪندڙ ادارن جي ڪارڪنن اتر اوڀر افغانستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر خاندانن جي امداد لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. هوڏانهن گڏيل قومن جي مختلف ادارن مطابق افغانستان جي اتر اوڀر علائقن ۾ برساتن سبب ٻوڏ سان مبينه طور تي 300 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جن ۾ 51 ٻار به شامل آهي ۽ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا آهن. وڌيڪ رپورٽون اچڻ کان پوءِ انهن ۾ واڌ جو خدشو آهي. يونيسيف مطابق ٻوڏ سبب تخار ۽ بدخشان صوبا به متاثر ٿيا آهن جتي 300 گهرن کي نقصان پهتو آهي. افغانستان ۾ يونيسيف جي نمائندي ڊاڪٽر تاج الدين اوئيوا گذريل ڏينهن ڏکويل خاندان?? سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته يونيسيف ۽ اسان جا شراڪت??ار متاثر خاندانن کي فوري امداد پهچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن هوڏانهن يونيسيف 450 فيملي ڪٽس، 500 صحت سان لاڳاپيل ڪٽس، 476 ڪمبل جڏهن ته ٻين ايجنسين ۽ شراڪتدارن جي سهڪار سان ڪپڙن جون 100 ڪٽس موڪليون ويون آهن.
انساني همدردي جون ٽيمون افغانستان ۾ ٻوڏ متاثرن کي امداد فراهم ڪري رهيون آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : رومن دولت