پيرس-29 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد منير چيو آهي ته ڪيترائي ملڪ ڊجيٽل تبديلي جي سفر ۾ نادرا جي خدمتن مان فائدو کنيو آهي، نادرا جا ڪلائنٽس اعتماد ۽ سکڻ سان گڏ ٽيڪنالاجي جي مڪمل منتقلي سان ڪ??ٽ??ائ??ڊ سلوشن استعمال ڪرڻ جي قابل آهن، فرانس ۾ پاڪستان جي سفارتخاني مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پيرس ۾ ٽن ڏينهن واري ٽرسٽيڪ 2023ع ن??ائ?? کي خطاب ڪندي ڪيو، جنهن ۾ هو پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. نادرا چيئرمين ٽرسٽيڪ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ۾ 2000ع ۾ نادرا جي قيام کان وٺي هن وقت تائين جي ان جي اڀرندڙ ڪردار جو ذڪر ڪندي اداري جي سمورين ڪ??ميابين سميت شناختي ڪارڊ (قومي شناختي ڪارڊ، اوورسيز ڪارڊ) سميت مالياتي نظام (موبائيل/برانچ ليس بئنڪنگ، ناڻي جي مٽاسٽا، پينشن جي ورڇ)، اي گورنس (آن لائن ويزا، ٽيڪسيشن سسٽم، اي پاسپورٽ، قانوني وراثت)، صحت ۽ تعليم (ويڪسينيشن سسٽم، اسڪالرشپ پروگرام) ۽ سماجي تحفظ (ڊزاسٽر رليف پروگرام، سبسڊي پروگرام) جي باري ۾ آگاهه ڪيو. فرانس ۾ پاڪستان جي سفير عاصم افتخار احمد ٽرسٽيڪ ن??ائ?? ۾ لڳايل نادرا جي پويلين جو دورو ڪيو جتي کيس نادرا چيئرمين نادرا طرفان شروع ڪيل ڊجيٽل تبديلي ۽ خدمتن جي باري ۾ بريفنگ ڏني، پاڪستان جي سفير نادرا جي ڪم کي شناخت ذريعي بااختيار بڻائڻ جو حوالو ڏيندي اداري جي متعارف ڪرايل نئين خدمتن خاص طور تي ان جي موبائيل ايپ سهولت جي واکاڻ ڪئي. سفير ن??ائ?? جو دورو ڪيو ۽ مختلف ملڪن جي مختلف ن??ائ?? ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٽرسٽيڪ ن??ائ?? ڊجيٽل ٽرسٽ ٽيڪنالاجيز جي صنعتن سان لاڳاپيل ماڻهن کي سالياني ملاقات جو موقعو فراهم ڪندي آهي جيڪا سڄي دنيا مان ايندڙن کي متوجهه ڪري ٿي.
نادرا جا ڪلائنٽس اعتماد ۽ سکڻ سان گڏ ٽيڪنالاجي جي مڪمل منتقلي سان ڪسٽمائزڊ سالوشن استعمال ڪرڻ جي قابل، ڪيترن ئي ملڪن ان جي خدمتن مان فائدو کنيو آهي: نادرا چيئرمين
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ