بيجنگ-17 آڪٽوبر (اي پي پي)روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ??ين جي دوري تي بيجنگ پهچي ويو.اڱاري ڏينهن بيجنگ پهچڻ تي چيني قيادت طرفان روس جي صدر جو والهاڻو استقبال ڪيو ويو. روس جو صدر اڄ پنهنجي هم منصب ۽ ويجهي دوست شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو جڏهن ته بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جي فورم جي سربراهي اج??اس ۾ به شرڪت ڪندو. روس ۽ ??ين جي سربراهن جي ملاقات هڪ اهڙي موقعي تي ٿي رهي آهي جڏهن اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگ سڄي سفارتي دنيا تي گهرا اثر ڇڏي رهي آهي. اڱاري ڏينهن روس جي صدر جي روانگي کان اڳ ڪريملن مان جاري بيان موجب ٻنهي صدرن وچ ۾ ڳالهين دوران عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. ??ين هن سال جي شروع ۾ حماس جي اهم حمايتي ايران ۽ ان جي علائقائي دشمن سعودي عرب وچ ۾ هڪ امن معاهدي جي ثالثي ڪئي هئي ۽ هو هن هفتي پهنجي وچ اوڀر جي ايلچي زائي جون کي فسلطين موڪليندو جيڪو جنگ بندي ۽ امن ڳالهين تي زور ڀريندو.
روس جو صدر ولاديمير پيوٽن چين جي دوري تي بيجنگ پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria