والاريل بيت المقدس-12 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي اداري ورلڊ فوڊ پروگرام (ڊبليو ايف ??ي) چيو آهي ته غزه جي صورتحال تباهي واري ٿي وئي آهي ??اڪاڻ ته گهيري ۾ آيل شهر ۾ خوراڪ، پا??ي ۽ بجلي جي فراهمي مسلسل گهٽجندي پئي وڃي، سعودي خابرو اداري موجب گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام جي فلسطين ڪنٽري آفيس ۾ ڪميونيڪيشن ۽ انفارميشن مينيجمينٽ جي سربراهه عاليه ذڪي چيو ته غزه ۾ خوراڪ، پا??ي ۽ بجلي ختم ٿيڻ تي آهي ۽ صورتحال تباهي آڻيندڙ ٿي وئي آهي. هن چيو ته غزه ۾ تباهه ٿيل انفرااسٽرڪچر خوراڪ جي پيداوار ۽ دڪانن ۽ بيڪرين ۾ خوراڪ جي ورهاست ۾ شديد رڪاوٽون پيدا ڪري ڇڏيون آهن ۽ ڊبليو ايف ??ي ان صورتحال کي مانيٽر ڪري رهيو آهي، ڊبليو ايف ??ي جي نگراني هيٺ اڌ دڪانن ۽ بيڪرين ۾ هڪ هفتي اندر کاڌو ختم ٿي ويندو، اهي ماڻهو جيڪي اڃان به ڪم ڪري رهيا آهن، انهن کي به بجلي جي بار بار بندش سان خوراڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي. گڏيل قومن جي اندازي موجب غزه جي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي پهرين ئي غربت جي زندگي گذاري رهي آهي، عاليه ذڪي موجب ڊبليو ايف ??ي پهرين ئي غزه ۽ اولهندي ڪناري جي 8 لک کان وڌيڪ ماڻهن جو خوراڪ، پا??ي ۽ ضروري شين تائين رسائي کان محروم آهن، کي خوراڪ جي هڪ اهم لائف لائن فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ هنگامي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڊبليو ايف ??ي غزه ۾ امداد پهچائڻ لاءِ انساني همدردي جي بنيادي تي راهداري کي کولڻ جو مطالبو ڪري ٿو، سرحدن کي کليو رکيو وڃي ۽ بارود کان محفوظ رکڻ به ضروري آهي.
غزه ۾ خوراڪ ۽ پاڻي جي فراهمي محدود، صورتحال تباهي آڻيندڙ ٿي وئي: ورلڊ فوڊ پروگرام
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج