مڪو شريف -02 جولاءِ (اي پي پي) سعودي حج ?? عمري واري وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه حج 2024 (1445هه) لاءِ شروعاتي منصوبي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پروگرام تي عمل جي شروعات 16 سيپٽمبر 2023ع کان ڪئي ويندي. سعودي خابرو اداري مطابق حج ?? عمري واري وزير طرف??ن جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته حج 2024ع لاءِ اڳ ۾ کان عملي طور تي ڪم جي شروعات ڪئي ويندي ته جيئن ڪمپنين طرفا?? حج پانڌيئڙن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تياري جو وقت ملي سگهي. هن چ??و ته ايندڙ حج لاءِ سيمينار منعقد ڪيا ويندا. لائسنس يافته ڪمپنين جي ڊجيٽل رجسٽريشن جي شروعات ڪئي ويندي. هوائي ڪمپنين سان معاهدي لاءِ سول ايوي ايشن سان لاڳاپيل معاملن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. حج ويزائون جاري ڪرڻ جي حوالي سان هن چ??و ته پهرين مارچ 2024ع (20 شعبان 1445هجري) کان ڊجيٽل ويزائون جاري ٿيڻ شروع ٿي وينديون اهو سلسلو 29 اپريل 2024ع تائين جاري رهندو جڏهن ته 9 مئي 2024ع (پهرين ذوالقعد 1445) کا?? حج پانڌيئڙن جون اڏامون ملڪ اچڻ شروع ٿي وينديون.
سعودي حج ۽ عمري واري وزير جو حج (1445هه) 2024ع لاءِ شروعاتي منصوبي جو اعلان
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار