گڏيل قومون -19 جولاءِ (اي پي پي)گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مصنوعي ذهانت جي حوالي سان منعقد ٿيل پهرين اجلاس ۾ چي?? چي?? آهي، ته ان ٽيڪنالاجي کي بي لغام گهوڙو نه بڻائڻ گهرجي، جڏهن ته آمريڪا خبردار ڪيو آهي، ته اها ٽيڪنالاجي ماڻهن تي پابندي لڳائڻ يا کين دٻائڻ لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿي، برطانوي خابرو ايجنسي مطابق برطانيه جي پرڏيهي وزير جيمز ڪليوري چي?? آهي، ته م??نوعي ذهانت انساني زندگي جي هر بنيادي پهلو کي بدلائي ڇڏيندي. هن چي?? ته م??نوعي ذهانت موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ معيشتون کي هٿي وٺائڻ ۾ به م??دگار ثابت ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته اها ٽيڪنالاجي غلط معلومات کي هوا ڏيڻ ۽ رياستي ۽ غير رياستي عنصرن جي هٿيارن جي ڳولها ۾ معاونت ڪري سگهي ٿي، 15 رڪني ڪائونسل کي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس هاءِ پروفائيل آرٽيفيشل انٽيليجنس اسٽارٽپ انٿروپڪ جي شريڪ باني جيل ڪلارڪ ۽ چائنا يو ڪي ريسرچ سينٽر فار اي آءِ ايٿڪس اينڊ گورننس جي شريڪ ڊائريڪٽر پروفيسر زينگ يي بريفنگ ڏني. گڏيل قومن جي سربراهه چي?? ته م??نوعي ذهانت جو فوجي ۽ غيرفوجي شعبن ۾ استعمال عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين نتيجا ڏئي سگهي ٿو. هن انهي غيرمعمولي ٽيڪنالاجي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪجهه رياستن طرفان گڏيل قومن جي هڪ نئين اداري جي قيا?? جي مطالبن جي پڻ حمايت ڪئي. گڏيل قومن ۾ چي?? جي سفير مصنوعي ذهانت کي ٻه منهين تلوار قرار ڏنو ۽ چي?? ته چي?? مصنوعي ذهانت لاءِ رهنما اصول قائم ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي مرڪزي ڪردار جي حمايت ڪري ٿو. هن چي?? ته م??نوعي ذهانت جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته انسان ان کي ڪهڙي طرح استعمال ڪندو آهي ان کي ڪهڙي ريت منظم ڪندو آهي ۽ اسان سائنسي ترقي کي سيڪيورٽي سان ڪنهن ريت توازن ۾ رکون ٿا.
مصنوعي ذهانت ٻه منهين تلوار آهي، ان ٽيڪنالاجي کي بي لغام گهوڙو نه بڻائڻ گهرجي: سلامتي ڪائونسل ۾ بحث دوران چين جو موقف
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز