پيرس- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) فرانس جي هڪ اعلي عدالت اسڪولن ۾ شاگردياڻين جي عبائي پائڻ تي پابندي کي برقرار رکندي مسلمان تنظيم پاران داخل درخواست کي اڪلائي ڇڏيو، ميڊيا رپورٽن موجب فرانس جي حڪومت گذريل مهيني ا??ڪولن ۾ عبائي پائڻ تي پابندي لڳائي هئي ۽ چيو هو ته تعليمي ا??ارن ۾ عبائيو پائڻ سيڪولرازم جي ا??ولن جي خلاف ??رزي آهي، فرانس ۾ مسلمان عورتن جي ا??ڪارف پائڻ تي اڳ ئي پابندي آهي ۽ ان عمل کي مذهبي وابستگي طور ڏٺو ويندو آهي،فرانس ۾ مسلمانن جي نمائنده تنظيم ايڪشن فار دي رائٽس آف مسلمز (اي ڊي ايم) اعلي ترين رياستي ڪونسل کي درخواست ڪئي هئي ته اها پابندي مت ڀيد تي مشتمل آهي ان کي ختم ڪيو وڃي جنهن تي عدالت ٻن ڏينهن جي ٻڌڻي کانپوءِ تنظيم جي دليل کي رد ڪندي ڪيو ته پابندي جو فيصلو فرانس جي قانون تي مشتمل آهي، واضع ??هي ته فرانس جي ا??ڪولن سومر تي تعليمي سال جي پهرين ڏينهن ڪيترين ئي مسلمان شاگردياڻين کي ا??بايو لاهڻ کان انڪ??ر ڪرڻ تي گهر موڪلي ڇڏيو هو ، سرڪاري انگن اکرن موجب فرانس ۾ 67 ملين آبادي جو اٽڪل 10 سيڪڙو حصو مسلمان آهن.
اسڪولن ۾ مسلمان شاگردياڻين جي عبائي پائڻ تي پابندي جو فيصلو صحيح آهي: فرانسيسي عدالت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت