گڏيل قومون-26 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن سوڊان ۾ خوراڪ، پاڻي، دوائن ۽ ٻارڻ جي کوٽ بابت خبردار ڪري ڇڏيو آهي. سعودي ميڊيا ذريعن موجب گڏيل قومن جي ??اتحت پناهگيرن جي ??اءِ ڪمش??ر جي ترجمان چيو آهي ته 20 هزار سوڊاني ملڪ ڇڏي چاڊ هليا ويا آهن جڏهن ته ڏکڻ سودان کان تقريبن 4 هزار پناهگير پنهنجي ??طن واپس آيا آهن. هاءِ ڪمش??ر جي ترجمان جنيوا ۾ تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ايئن لڳي ٿو ته جنگ جي ??تيجي ۾ اندروني ۽ ٻاهرين ملڪ لڏپلاڻ ڪندڙن جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو. ٻئي طرف گڏيل قومن جي انساني معاملن واري رابطا آفيس جي ترجمان ڌيان ڇڪرايو آهي ته خوراڪ، پاڻي، دوائن، ٻارڻ، بجلي ۽ رابطي ۾ شديد کوٽ درپيش آهي، ترجمان چيو ته تازي عسڪري سرگرمين کان اڳ سوڊان ۾ انساني ضرورتن ۾ رڪارڊ اضافو رپ??رٽ ٿيو هو. تقريبن 15.8 ملين ماڻهن کي بنيادي شيون گهربل هيون. اهو تعداد ملڪ جي ??يون حصو جي آبادي جي برابر آهي.
سوڊان ۾ خوراڪ ۽ ٻارڻ جي کوٽ جو خدشو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم